اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو،سعودي جلد مدد ڪندو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته معاشي انتظامن سان صورتحال بهتر ٿيندي ۽ پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، سعودي عرب جلد پاڪستان جي مدد ڪندو. جڏهن ته چين به پنهنجي نظام تحت اسان جي مدد ڪندو. ڪالهه اقتصادي ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير پي ٽي آءِ جي وائيٽ پيپر تي ردعمل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي وائيٽ پيپر ۾ جيڪي انگ اکر ۽ ڀيٽ ڪئي وئي، اهي درست نه آهن ۽ اها ڳالهه غيرجانبدارانه آهي، جنهن ۾ عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته مقابلي ۾ نه ته افراط زر جي عالمي چڪر ۽ نه ئي روس-يوڪرين جنگ جي اثرن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي آهي ته 2018ع ۾ مالياتي خسارو 7 ڏهائي 6 سيڪڙو کان وڌيڪ هو، پي ٽي آءِ جي اها دعويٰ غلط آهي ته مالياتي خسارو 5 ڏهائي 8 سيڪڙو هو. هن چيو ته اهڙي طرح پي ٽي آءِ جي هڪ سال ۾ مالياتي خسارو گهٽائڻ جو دعويٰ به ڪوڙي آهي، حقيقت اها آهي ته 2019ع ۾ مالياتي خسارو وڌي 7 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل وائيٽ پيپر جون حقيقتون اوهان آڏو آڻڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ سمورا انگ اکر بي بنياد آهن، پي ڊي ايم کي اپريل 2022ع کانپوءِ حڪومت ملي، پي ٽي آءِ تيل اگهن ۾ واڌ تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو. عالمي منڊي ۾ قيمتون، ۽ نه ئي ٻوڏ تي تبصرو ڪيو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف جي وائيٽ پيپر کي گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ ملڪي معيشت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي هئي، ن ليگ جي دور ۾ معاشي اوسر جي شرح 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي 2018 ۾ مستحڪم معيشت ملي ۽ ان پنهنجي دور ۾ تنقيد کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، وائيٽ پيپر ۾ ٻوڏ ۽ عالمي سطح تي تيل اگهن ۾ واڌ جو ذڪر نه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا ڏنل معاشي انگ اکر درست ناهن، پي ٽي آءِ درآمدن ۽ برآمدن جي حوالي سان به گمراهه ڪري رهي آهي، ڏيوالي جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پاڪستان جو ڏيوالو نه ٿيندو. اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ دوائن جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ٿي، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي دور ۾ دهشتگردي جي فضا هئي، پي ٽي آءِ ڪنهن سيڪيورٽي آپريشن لاءِ فنڊ نه رکيا، لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ڌيان نه ڏنو. هن چيو ته هلندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف 7470 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي، موجوده حڪومت مختصر وقت ۾ 3000 ارب کان وڌيڪ اوڳاڙيون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button