اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظمن ۽ صدرن طرفان توشا خانا مان تحفا وٺڻ بابت جواب طلب

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 1947ع کان هنيئر تائين وزيراعظمن ۽ صدرن جي توشا خانا مان تحفا وٺڻ تي حڪومت کان هڪ مهيني ۾ جواب طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شهري ايڊووڪيٽ ابوذر سلمان خان نيازي طرفان تفصيل فراهم ڪرڻ واري درخواست تي 26 ڊسمبر واري شنوائي جو لکت ۾ حڪمنامي جاري ڪري ڇڏيو. لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذار موجب 23 هين اپريل تي ڪابينا ڊويزن کي تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست ڏني. 28 اپريل تي ڪابينا ڊويزن جواب ۾ چيو ته تفصيل ڪلاسيفائيڊ آهن انڪري نٿا ڏئي سگهيون. عدالتي حڪم موجب ڪابينا ڊويزن جي فيصلي خلاف پاڪستان انفارميشن ڪميشن اپيل ٻڌي ۽ 29 هين جون تي درخواست گذار کي گهربل تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر پنج مهينا گذري وڃڻ باوجود فيصلي تي عمل نه ٿيو. عدالت ڪابينا ڊويزن کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button