پيپلز پارٽي پنجاب جي سينيئر اڳواڻ حسن مرتضيٰ پنهنجي اتحادي جماعت نواز ليگ تي تنقيد جا تير وسائيندي فقط گهر جي پارٽي جي قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ حسن مرتضيٰ چيو ته نواز ليگ وٽ وڏي وزير يا وزارت عظميٰ جي عهدي لا به شريفن کانسواءِ ڪو به اميدوار ناهي، شريف جڏهن اقتدار تان لهندا آهن ته ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا آهن، عمران خان هجي يا شريف ڀائر، سندن اولاد پرڏيهه ۾ ئي رهي ٿو. پ پ جي اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته حمزا شهباز کي وڏو وزير بڻائڻ جي ڪري لاهور ۾ نواز ليگ جي مقبوليت گهٽجي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي ته حمزا کان وڏ وزارت کسجڻ تي ڪنهن احتجاج به نه ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close