اسلام آبادپاڪستان

ٽي ٽي پي حڪومتي اتحاد خلاف سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) حڪومتي اتحاد (پي ڊي ايم) ۾ شامل پارٽين پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ٽي ٽي پي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي عرصي کان تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ ڪنهن سياسي پارٽي خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، پر بدقستميءَ سان موجوده حڪومتي قيادت تي نه ڄاڻ آمريڪا جو ڪهڙو جادو هلي پيو آهي جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽي ٽي پي خلاف سرعام جنگ جو اعلان ڪيو آهي. بندش پيل تنظيم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽي ٽي پي اقتدار تي مڙهيل ٽولن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ٽي ٽي پي حڪمران اتحاد کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اِهي ٻئي پارٽيون پنهنجي موقف تي قائم رهيون ته پوءِ سندن اهم اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. بيان ۾ عوام کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته هو اهڙن اڳواڻن جي جلسن، جلوسن يا ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button