بلوچستانپاڪستان

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي عروج تي آهي: وزيراعظم جو اعتراف

وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهانگائي عروج تي ۽ عوام ڀوڳي رهيو آهي، ٻوڏ کانپوءِ ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ڪر کنيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ اربين ڊالر گهرجن، عالمي برادري جي مدد سان ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪنداسين. بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن زوب ۽ صحبت پور جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان انتهائي ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي هئي، اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين سبب عوام مهانگائي ۽ ٻيا عذاب ڀوڳي رهيو آهي، ان وقت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽٽي چڪو هو ۽ مهانگائي عروج تي هئي پر ان باوجود وفاق ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا ۽ اڃا به ٻوڏ متاثرن لاءِ سوين ارب رپين جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي گهرن لاءِ معاوضو ڏيڻ جي ڳالهه ذهن ۾ ايندي هئي ته رات جو ننڊ نه ايندي آهي، 10 لک گهر پاڻي ۾ تباهه ٿي ويا. انشا الله اسان متاثرن کي معاوضو ڏينداسين. ٻئي طرف صحبت پور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب سڄو صحبت پور ضلعو پاڻي ۾ ٻڏل هو، هتي پاڻي ۽ خوراڪ پهچائڻ آسان ڪم نه هو اڄ صحبت پور جو هي علائقو ڏسي سڪون ملي ويو، سنڌ جو ميداني ۽ بلوچستان جو جابلو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو، ڊپ لڳندو هو ته متاثرن جي ڪهڙي ريت مدد ڪنداسين. هن چيو ته 9 جنوري تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ جنيوا ۾ ڊونرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪندس، ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رهيو آهيان، ملائيشيا جي وزيراعظم سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اسان کي پاڻ همت ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button