پاڪستانرانديون

سعود شڪيل جي شاندار سينچري،پاڪستان جا 407 تي 9 آئوٽ، قرض لاهڻ لا اڃا به 42 رنسون گهربل

ڪراچي ٽيسٽ ۾ سعود شڪيل جي شاندار سينچري به نيوزيلينڊ خلاف پهرين اننگز ۾ رنسن جو قرض لاهي نه سگهي، پاڪستان جا 407 رنسن تي 9 رانديگر آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته ڪيويز جي سرسي ختم ڪرڻ لا اڃا وڌيڪ 42 رنسون گهربل آهن. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ هلندڙ ٽيسٽ سيريز جي ٻي مئچ ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن تي پاڪستان پهرين رهيل اننگز 154 رنسون 3 رانديگر آئوٽ کان شروع ڪئي ته امام الحق 83 رنسون ٺاهي ٿيو، سرفراز احمد 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ بعد ٿرڊ امپائر جي غلط فيصلي جي نتيجي ۾ وڪيٽ وڃائي ويٺو، سرفراز ۽ سعود شڪيل پنجين وڪيٽ تي 150 کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري ڪئي، جنهن بعد آغا سلمان 41، حسن علي ۽ نسيم شاهه 4-4 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽيا، جڏهن ته مير حمزا کاتو به نه کولي سگهيو. وڪيٽ جي ٻئي پاسي سعود شڪيل ذميواراڻي بئٽنگ ڪندي ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي ۽ 124 رنسون ٺاهي ابرار احمد سان گڏ ڪريز تي موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button