اسلام آبادپاڪستان

آفيسرن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪن،واڌو الائونس نه ڏينداسين:اسحاق ڊار

اسلام آباد:ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ايگزيڪيوٽو الائونس ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪندڙ آفيسرن تي ڪاوڙجي پيو. فنانس ڊويزن جي ڊي ايم جي ۽ او ايم جي گروپ جي آفيسرن 50 سيڪڙو ايگزيڪيوٽو الائونس جي ڪٽوتي خلاف اسحاق ڊار سامهون احتجاج ڪيو. آفيسرن ايگزيڪيوٽو الائونس کي 150 سيڪڙو ئي رکڻ جو مطالبو ڪيو پر وفاقي وزير احتجاج ڪندڙ آفيسرن تي ڪاوڙجي پيو. اسحاق ڊار آفيسرن کي چيو ته توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو، واڌو الائونس نٿو ڏئي سگهجي. 25 سالن ۾ پهريون ڀيرو ناڻي واري وزارت جا آفيسر الائونس لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، توهان کي ان تي شرم اچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته 150 سيڪڙو الائونس ڏيڻ جو غلط فيصلو ڪيو ويو، توهان وڃي فنانس سيڪريٽري سان ڳالهايو هتي احتجاج نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button