اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

دالين ۽ چانورن سميت 23 عام واهپي جون شيون مهانگيون

اسلام آباد : نئين سال شروع ٿيندي ئي مهانگائي جي شرح ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. 2023 جي پهرئين هفتي ۾ 23 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب جنوري جي پهرئين ئي هفتي مهانگائي جي شرح 1 ڏهائي 09 سيڪڙو، جڏهن ته سالياني بنيادن تي 30 ڏهائي 60 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڳڻپ کاتي جي رپورٽ موجب ان مختصر وقت دوران 23 عام واهپي جون شيون مهانگيون ۽ 9 سستيون ٿيون، جڏهن ته 19 شين جا اگهه مستحڪم رهيا. هڪ هفتي دوران ڪاٺيون، لوڻ، ماني، بصر، ٿوم، ٻاڪرو گوشت، ڳائو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت، مڱن جي دال، ماش جي دال، چڻن جي دال، چانور، ڏهي ۽ کليل تازو کير مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پٽاٽا، ٽماٽا، بيضا، کنڊ، گيهه، ايل پي جي ۽ مهري دال سستي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button