سنڌ جو معاشرو پنهنجي تشريح ۾ ڪهڙي صورت ۽ ڪهڙي شڪل اختيار ڪندي گذري پيو ۽ موجوده سندس جوڙجڪ ڪهڙي آهي انهيءَ کي سمجھڻ کان سواءِ سنڌ جي سماجي ۽ طبقاتي ڪردار جو ٺيڪ طرح سان تعين ڪرڻ ڪنهن به لحاظ کان ٺيڪ نه رهندو. يا جيڪڏهن اسين اهو چئون ته اسان تجزيو ڪندي ڪافي ۽ قريبي جائزو وٺي به وڃون پر تڏهن به اهو پنهنجي اندر گھڻا جھول ۽ ڪمزوريون ڇڏي ويندو.
سنڌ جو سماج عملي طرح ورهاڱي کان پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هڪ سنڌي سماج جو حصو ۽ ٻيو ٻاهران لڏي آيل گھڻي ڀاڱي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو حصو، سنڌي ماڻهن جو تعلق ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين سان رهيو وڏن شهرن جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪجهھ سکر جي شهرن ۾ انهن ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي آباد ڪيو ويو جن پنهنجي سڃاڻ وطن جي بنيادن تي ۽ قومي ارتقا جي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي بجاءِ پاڻ کي مهاجر سڏيو ۽ ان مهاجرن جي سماجي معاشي مفادن کي هتان جي آبادي کان الڳ ڪندي ٻولي ۽ معاشي مفادن جي ٽڪرائن ۾ آڻيندي تمام گھڻو دور ڪري ڇڏيو نتيجي ۾ نئين آبادي قوم جي حصي ٿيڻ جي عمل ۾ نه رڳو سست رويي جو شڪار رهي پر عملي طور تي هنن الڳ ۽ بيزاري جو ڪردار ادا ڪندي گھڻي ڀاڱي پنهنجي پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکي ڇڏيو.
ڪنهن به ملڪ ۽ سماج ۾ طبقن جي ورڇ لازم هجي ٿي پر جيڪڏهن حقيقت جي بنيادن تي پاڻ پوري دنيا جو سراسري جائزو وٺنداسين ته ڪو به اهڙو ملڪ نظر نه ايندو جتي ان ملڪ جو سماج طبقن ۾ ورهايل نه هجي. ايتري حد تائين جو خود سوشلسٽ ملڪن جي اندر به هن وقت تائين سماج مان طبقا مڪمل طور تي ختم ناهن ٿيا ڀلي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو ڪمزور ٿيو هجي يا ختم ٿيو هجي پر معاشي اڻ برابري ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ سنڌي آبادي جو شهرن ۾ نه هجڻ سبب ڪري وچولو طبقو مضبوط ۽ طاقتور انداز ۾ پيدا ٿي نه سگھيو ننڍن شهرن جي اندر ٿورو گھڻو وچولو طبقو پيدا ته ٿيو پر انهيءَ جي ڪاروبار ۽ سماجي بالادستي ۾ جاگيردار يا زميندار جو ڪنٽرول قائم رهيو.
ورهاڱي کان پهريان رياست جو ڪردار گھڻي ڀاڱي طاقتور هيو پر ورهاڱي کان پوءِ جيئن جيئن سياست جي اندر جاگيردار طاقتور ٿيو ته انهيءَ کان وڌيڪ وري بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ طاقتور ٿي انهيءَ اسٽيبلشمينٽ جلد ئي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي حڪومت تي 1958 ۾ سڌو سنئون قبضو ڪري مارشل لا لڳائي ڇڏي ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ جاگيردار طبقي کي مراعتون ڏئي پنهنجي حمايتي قطارن ۾ بيهاري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ جاگيردار جي رياست ۾ مداخلت قدم به قدم وڌندي وئي طبقاتي اوسر تمام ڪمزور ۽ نٻل رهي ٿوري گھڻي جيڪا صنعتي ترقي وڏن شهرن ۾ وڌي انهن وڏن شهرن ۾ جيئن ته سنڌي عوام ايتري تعداد ۾ موجود نه هو جو ان اوسر جو حصو بڻجي سگھي اسان کي صاف ۽ چٽو هي نظر پيو اچي ته سنڌ جو سماج پنهنجي طبقاتي ارتقا ۾ پهريان مذهبي ٽڪرائن ۾ رهيو ۽ ورهاڱي کان پوءِ وري نسلي ٽڪرائن ۾. هڪ ته ترقي جي رفتار ڪمزور هجڻ جي ڪري سنڌ جي اندر مڊل ڪلاس تيزي سان وڌي نه سگھيو ۽ جيڪو ٿورو گھڻ وڌيو اهو مذهبي ۽ نسلي تضادن جي ور چڙهي ويو.
نسلي ۽ مذهبي تضادن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو حاڪم طبقي کي ٿيندو رهيو ۽ هن وقت تائين ٿيندو رهي ٿو. مڊل ڪلاس جو مڪمل طور تي جمهوري لبرل ۽ قومي ڪردار پيدا نه ٿي سگھيو جي ٿيو ته اهو به تمام گھڻو ڪمزور ئي رهيو، ٻيو ته اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته وچولي طبقي جو مرڪز يا آئيڊيل مٿاهون طبقو هوندو آهي سنڌ جي سماج ۾ جيئن ته سنڌي معاشري ۾ مٿاهون طبقو جاگيرداري جو رهيو ۽ اهوئي جاگيردار جو ڪلچر، نفسيات ۽ اخلاقيات طاقتور کان طاقتور رهندي آئي ان کي چيلئنج ڪرڻ جي لاءِ سرمائيدار طبقو پيدا نه ٿي سگھيو. وڏن شهرن ۾ جيڪو سرمائيدار پيدا ٿيو ته ان جو تضاد
نسلي هجڻ جي ڪري جاگيردار جي طبقاتي ڪردار کي ڪمزور ڪرڻ جي بجاءِ قوم پرستي جي لبادي ۾ طاقتور ڪيو. ڪمزور ۽ نٻل مڊل ڪلاس جنهن جو اخلاقي ۽ نفسياتي يا ڪلچرلي لاڙو جاگيرداري هيو ان پنهنجي ڌارا الڳ ڪرڻ جي بجاءِ يا مضبوط يا مستحڪم ڪرڻ جي بجاءِ نسلي تضادن جو شڪار ٿيندي پنهنجي ارتقا کي سياسي بنيادن تي اڳتي وڌائي نه سگھيو.
پاڻ جڏهن جاگيرداري نفسيات يا ڪلچر جي ڳالهھ ڪيون ٿا ته انهيءَ جو مطلب قومي ڪلچر بلڪل ناهي ڇو ته قومي ڪلچر جي اندر سڄي قوم جي گڏ هجڻ جي باوجود طبقاتي ورڇ ۾ ورهايل هوندي آهي تڏهن چيو ويندو آهي ته هر قوم جي اندر اخلاقي ۽ ڪلچرلي ٻه گروھه هوندا آهن يعني ٻه طبقا هوندا آهن هڪ اميرن جو ٻيو غريبن جو انهيءَ ورڇ کي ته ڪيترن ئي دانشورن هڪ قوم ۾ ٻه قومون جي تشريح ڏني آهي ۽ ان حقيقت کان پاڻ ڪنهن به پهلو کان انڪار نٿا ڪري سگھون.
جاگيرداري نفسيات ۽ ڪلچر پنهنجي ڪيمسٽري جي اندر ڪڏهن به عوام دوستي جو مزاج ناهي رکندو، بلڪه هو عوام تي پاڻ کي غالب رکندي پنهنجي پاڻ کي حاڪميت جي تصور ۾ رکي ٿو، عوام کي ڪڏهن به برابري جو درجو ناهي ڏيندو، جنهن جو لازمي نتيجو هي نڪرندو ته هو عوامي ڀلائي ترقي يا بهتري جو نه تصور رکي ٿو نه وري مزاج. انفرادي مفاد بالادستي رياست جي ادارن کي پنهنجي طاقت لاءِ استعمال ڪرڻ جاگيرداري جي هر وقت ضرورت رهي آهي ۽ اها بيماري رڳو هتي نه پر پوري دنيا جي جاگيرداري طبقي ۾ رهندي آئي آهي. اهوئي سبب آهي جو جاگيرداري مڊل ڪلاس جنهن جو مٿاهون طبقو جاگيردار هجي ٿو اهو پنهنجي مزاج ۽ عادتن ۾ مفادن ۽ روين ۾ جاگيرداري انداز اختيار ڪندي نظر ايندو پر جيئن ته هو معاشي سگھه ۾ ڪمزور هجڻ جي ڪري پنهنجي بالادستي ان انداز سان نٿو ڏيکاري سگھي يا قائم ڪري سگھي جيئن جاگيردار انفرادي حيثيت ظاهر ٿو ڪري مڊل ڪلاس جو فرد ٿورو گھڻو برابري ۽ لبرل هجڻ جو ڏيک ڏيندو ۽ اها هن جي مجبوري آهي پر جمهوريت لبرل ازم ۽ برابري ان جي آئيڊل ڪڏهن نه بڻجي سگھي ڇو ته مٿاهين طبقي جي ڪلچر ۾ ۽ تهذيب ۾ اهو شامل ناهي سنڌ جي مڊل ڪلاس جو اهو وڏو الميو رهيو آهي ته هو پنهنجي ارتقائي تضادن مان گذرندي يعني ڪڏهن مذهبي تضاد ته ڪڏهن نسلي تضادن کي طبقاتي ڪردار ۾ پنهنجي طبقي جي لاءِ سگھارو ۽ طاقتور ناهي ڪيو.
جاگيرداري ڪلاس جو مڊل ڪلاس گھڻو ڪري موقعي پرست ۽ خوشامد پسند رهڻ ضروري سمجھندو آهي ۽ وري خاص ڪري اهڙن ملڪن ۽ سماجن ۾ جٿي رياست پنهنجو ڪو ڪردار آئيني ۽ قانوني ادا نه ڪندي هجي جيئن هن ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي اندر آهي ته اتي مڊل ڪلاس متحرڪ ٿيڻ جي بجاءِ ننڍن ننڍن گروهن ۽ ٽولن ۾ ورهايل هوندي پنهنجي لاءِ مراعتن جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيئن سنڌ جي اندر نظر پيو اچي. اهڙي مايوس ڪن ۽ ڪمزور صورتحال مان سنڌ جي مڊل ڪلاس کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ يا خود ان طبقي کي پنهنجو پاڻ کي بجائڻ جي لاءِ صرف ٻه رستا آهن هڪ صنعتي ۽ ڪاروباري ترقي (جنهن جا امڪان سنڌ ۾ تمام گھڻا گھٽ ۽ نه هجڻ جي برابر آهن) ۽ ٻيو رستو مضبوط ۽ طاقتور سياسي تحريڪون جيڪي ڪمزور رياست جي رٽ کي طاقتور ڪرڻ جي لاءِ عوام جي معاشي سياسي ۽ سماجي حقن جي لاءِ ۽ انهيءَ کان وڌيڪ قومي حقن جي لاءِ مضبوطي سان اڳتي وڌن اهي مضبوط تحريڪون ئي مڊل ڪلاس جي لاءِ مقناطيسي طاقت رکي سگھن ٿيون ۽ پوري مڊل ڪلاس کي پاڻ ڏانهن ڇڪي هن جي موقعي پرستانا ڪردار کي ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون. اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته سياسي ۽ سماجي تحريڪون پنهنجي شروعاتي دور ۾ ڪمزور پر مضبوط، باشعور ۽ متحرڪ فردن سان جڙي اڳتي وڌنديون آهن ۽ اهي وڌندڙ تحريڪون آهستي آهستي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي انقلابن جي راھه هموار ڪنديون آهن.
هن وقت سنڌ جو مڊل ڪلاس مڪمل طور تي جاگيرداري رشتن ۾
جڪڙيل آهي جنهن کي بهتر ۽ مضبوط تحريڪون ئي آجپو ڏئي سگھن ٿيون ۽ ان جي ڪردار کي متحرڪ ڪري سگھن ٿيون.