ڊگھڙي: ڊگھڙي ۾ سستي اٽي جو اسٽال نه لڳائڻ تي عورتن ۽ مردن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ڊگهڙي بائي پاس تي لڳل سستي اٽي جي اسٽال تي اٽو نه پهچڻ تي شهر ۽ ڀرپاسي جي سوين مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن بائي پاس تي ٽنڊو جان محمد روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. اڳواڻن چيو ته اسان گذريل هڪ هفتي کان انتظاميا پاران لڳايل اسٽال تي چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر اسان کي اٽو نه پيو ڏنو وڃي. انتظاميا ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي ته روز 3 کان 4 سئو اٽي جا ڪٽا اسٽال تي ڏنا وڃن پيا. هنن چيو ته روز ڏيڍ سئو ڪٽا اسٽال تي من پسند ماڻھن کي ڏنا وڃن ٿا، سوين مرد، عورتون ۽ مسڪين ماڻهو خالي هٿين گهر موٽي وڃن ٿا. اڄ سمورو ڏينهن انتظار ڪيو، پر انتظاميا جي اٽي جي گاڏي نه پهتي، اسان پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي اٽو خريد ڪرڻ لا پهتا آهيون، پر اٽو ملي ئي نٿو. ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته سڄي تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳائڻ سان گڏ چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن کي سرڪاري اگهھ تي اٽو وڪرو ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close