پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ريلي

چمبڙ: چمبڙ ۾ اٽو مهانگو ۽ بليڪ تي وڪري خلاف سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن بچاڻي پئٽرول پمپ کان اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ جي آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهري جي اڳواڻي ڪامريڊ اقبال، ڪامريڊ امداد قاضي، ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت سنڌ جي ناقص پاليسين سبب سنڌ اندر اٽي جو اگهه 170 رپين تائين پهچي ويو آهي، سنڌ حڪومت اٽي مافيا سان مليل آهي، سنڌ ۾ خوراڪ کاتي جا گدام ڪڻڪ سان ڀريا پيا آهن، پر غريب ماڻهن کي 170 رپين ۾ في ڪلو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته سنڌ سرڪار ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن تي پنڻ سيکاري ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومت سستي اسٽالن ۾ ماڻهن کي خراب ۽ غير معياري اٽو ڏئي رهي آهي، آگسٽ 2022ع جو پيٺل اٽو خراب ٿي ويو آهي، اهو سستي اٽي جا اسٽال لڳائي ماڻهن کي گهٽ اگهه تي وڪرو ڪري سرڪار پنهنجي جان ڇڏائي رهي آهي. اڳواڻن چتا ڏنو ته 60 رپيا ڪلو صاف اٽو نه مليو ته سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پاران سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button