حيدرآباد: حيدرآباد ۾ اڌر ڪيڊر استادن کي امڪاني طور برطرف ڪرڻ خلاف گسٽا جي سڏ تي استادن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي گسٽا جي جنرل سيڪريٽري نجيب ابڙو ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتو دوکو ڪري اسان کي برطرف ڪرڻ چاهي ٿو، 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي اسڪروٽني جي آڙ ۾ بيروزگار ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، جيڪو ظلم آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان انصاف لا احتجاج ڪريون پيا، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. گسٽا اڳواڻ نجيب ابڙو اعلان ڪيو ته مسئلو حل نه ٿيڻ جي ڪري مڪاني چونڊن ۾ اليڪشن ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪنداسين ۽ سڀاڻي 11 جنوري تي بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close