پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ اٽي جا اگهه وڌڻ خلاف شهرين جو مظاهرو

چيلهار: چيلهار ۾ اٽي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه وڌڻ خلاف شهرين احتجاج ڪيو. شهرين مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سموري سنڌ ۾ مهانگائي خلاف ڀرپور احتجاج ٿي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري مسڪين مزدور فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، پر حڪمرانن کي رحم نٿو اچي. قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ جا رهواسي لپ اٽي لا پريشان آهن. انتظاميا جي نااهلي سبب منافعي خور واپارين ۽ دڪاندارن هر شي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. هنن ڊي سي ٿر کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري گدامن ۾ اسٽاڪ ٿيل ڪڻڪ ظاهر ڪري سرڪاري اگهه تي اٽو ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button