پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ اٽي جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ايجنٽن کي ڏيڻ خلاف احتجاج

مٺي: مٺي ۾ اٽو مهانگو ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ سرڪاري اسٽال تي اٽو عوام بدرا ايجنٽن کي ملڻ خلاف سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. مٺي ۾ عوامي تحريڪ ۽ ڀيل انٽيليڪچوئل فورم پاران اوڀايو جوڻيجو، ديوترا، ڪرشن ميگھواڙ، سورو ڀيل، ڪبير ڀيل، سائينداد ھنگورجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين ۽ ڪارڪنن بلاول پارڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ اٽي جو بحران وڌڻ سبب اٽو بليڪ تي 56 سئو رپين ۾ مڻ وڪرو ٿئي پيو، ضلعي انتظاميا چڪي مالڪن سان مليل آھي، ان ڪري نوٽيس نٿي وٺي، ٿر ۾ ڪڻڪ جي پيداوار به نٿي ٿئي، عوام اٽو مناسب ريٽ تي نه ملڻ ڪري 2 ويلا ماني کائڻ لا پريشان آهي. هنن چيو ته سرڪار جي سستي اٽي اسٽال تي عوام کي پوليس هٿان مارڪٽ ۽ تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سستو اٽو پوليس ۽ خوراڪ کاتي جي معرفت مخصوص ايجنٽن کي ڏنو وڃي ٿو، سرڪاري اسٽال تي روز سوين ماڻھو دربدر ٿين ٿا ۽ وري مجبورن مارڪيٽ مان کين اهو ساڳيو اٽو بليڪ تي مهانگو وٺڻو پوي ٿو. سنڌ جي ڪڻڪ حڪمرانن جي ڪرپشن جي نظر ٿي وئي آھي، ان ڪري اٽي جو بحران پيدا ٿيو آهي. هنن چتا ڏنو ته سنڌ سميت خاص ڪري ٿر مان اٽي جو بحران ختم ڪري منافعي خورن خلاف قدم کڻي سرڪاري اگهه تي عوام کي اٽو ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button