پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ حڪومت واپس ملڻ تائين اسلام آباد نه ويندس: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آئي جا ماڻهو اسان وٽ اچڻ چاهين ٿا پر عدالتي فيصلو رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي، پنجاب حڪومت واپس وٺي ئي اسلام آباد ويندس، عمران خان هڪ فتنو، فساد ۽ پاڪستان جي سياست ۾ ناسور آهي، 20 ڏينهن جي رليف ۾ پنجاب حڪومت 2 ارب رپيا في ڏينهن جي حساب سان ڪرپشن ڪئي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ گهرجي، وٽس 186 نمبر نه آهن تنهنڪري هو اعتماد جو ووٽ نه پيو وٺي، پنجاب ۾ 186 جو نمبر ٻنهي پاسي ناهي، پي ٽي آئي جا کوڙ سارا ميمبر اسان ڏانهن اچڻ چاهين ٿا پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو رنڊڪ وجهي رهيو آهي، هاڻي اهي ماڻهو پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ نه ڏئي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍندا، اسان 180 تائين ووٽ وٺي سگهون ٿا ۽ قانون مطابق جنهن جا ووٽ وڌيڪ هوندا اهو حڪومت ٺاهي سگهي ٿو. راڻا ثناءُالله چيو ته معزز عدالت پرويز الاهي کي رليف ڏنو جيڪو پنجاب جي عوام کي گهڻو مهانگو پيو آهي، پنجاب ۾ انهن ماڻهن رڳو ڦرلٽ ڪئي آهي، پرويز الاهي جو سمورو ڌيان ماسٽر پلان جي منظوري تي رهيو، جڏهن ته غريب ماڻهو اٽو وٺڻ لاءِ رلي رهيو آهي، پنجاب ۾ ڦرلٽ ختم ٿيڻ گهرجي، عدالت کان اسان جي درخواست آهي ته هن ڪيس جو جلد فيصلو ٻڌايو وڃي ته جيئن اقليتي حڪومت عوام تي مڙهيل نه رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button