پاڪستانعالمي

ٻوڏ متاثرن لا واڌو 100 ملين ڊالر امداد، پاڪستان کي معاشي سڌارا جاري رکڻا پوندا:آمريڪا

آمريڪا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لا اضافي 100 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پاڪستان لا آمريڪي امداد 200 ملين ڊالر کان به وڌي وئي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس پاڪستان کي معيشت جي بحالي لاءِ مدد جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ معاشي سڌارا جاري رکڻ گهرجن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيوز بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا معيشت جي بحالي لا ڪيل معاشي سڌارن ۾ پاڪستان جي مدد ۽ سهڪار جاري رکندو، پاڪستان جي آمريڪي حمايت غير مشروط آهي. نيوز بريفنگ دوران هڪ صحافي سوال پڇيو ته ڇا تازي آمريڪي امداد جو دارومدار پاڪستان ۾ هلندڙ معاشي سڌارن تي هوندو؟ جنهن تي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته اهو آخرڪار آئي ايم ايف جو فيصلو آهي پر آمريڪي يقيني طور پاڪستان کي سڌارن جي وٽ تي هلندي ڏسڻ چاهي ٿو. آمريڪي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير وارو عمل ورهين تائين جاري رهندو ۽ اسان ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ پاڪستان کي گرين الائنس ۾ شامل ڪرڻ لا ڪوششن ۾ مدد پڻ جاري رکنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button