سنڌ

ڪراچي ۾ پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جو افتتاح

صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني کاتي واري صوبائي وزير مڪاني سيد ناصر حسين شاهه، محنت واري وزير سعيد غني سان گڏ ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين اي وي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميمبر سنڌ اسيمبلي گهنور خان اسراڻ، ٽرانسپورٽ وارو سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پي ڊي اين آر ٽي سي صهيب شفيق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزيرن اي وي پيپلز بس سروس جو معائنو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو ۽ بس ۾ سفر پڻ ڪيو. صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات اڄ ڪراچي کان ڪئي وئي آهي، هي ماحول دوست بسون آهن، جيڪي بجلي جي چارج سان هلنديون ۽ ھڪ چارج ۾ 240 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، يورپي معيار جي انهن بسن سان ڪنهن به قسم جي گدلاڻ نه پکڙبي. ھن چيو ته شھر مان گدلاڻ جي خاتمي سان گڏو گڏ اسان جي ڪوشش آهي ته شهرين کي گهٽ کان گهٽ ڀاڙي ۾ سفر جون بھترين سهولتون فراهم ڪيون. هن چيو ته پھرين روٽ تي بس سروس ٽينڪ چوڪ جناح ايونيو کان ايئرپورٽ، شارع فيصل، ايف ٽي سي بلڊنگ ، ڪورنگي روڊ، خيابان اتحاد کان ڪلاڪ ٽاور سي ويو تائين هلائي پئي وڃي. ھن چيو ته ڪراچي ۾ اهڙي ڪائي بس ناهي، جيڪا مسافرن کي ايئرپورٽ تائين سفر جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته شهري خانگي گاڏيون استعمال ڪندا آهن يا خانگي ٽيڪسي سروس جي ذريعي ايئرپورٽ تائين ويندا آهن، جيڪي کين 1500 روپيا تائين ڪرايو چارج ڪندا آهن پر ھاڻي اي وي پيپلز بس سروس ۾ صرف 50 روپين ۾ ايئرپورٽ تائين سفر ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت سول ايو ايشن اٿارٽي جي سهڪار جي نهايت مشڪور آهي، جنهن بس سروس کي ايئرپورٽ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي اولين ڪوشش آهي ته پوري سنڌ ۾ عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهترين کان بهترين سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به عوام جي مسئلن جي حل ۾ خاص دلچسپي وٺندو آهي. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اسان جي پوري ٽيم جو ڪپتان آهن، سندس سهڪار جي کانسواءِ ڪوئي منصوبو شروع ڪرڻ ممڪن ناهي. وزيراعليٰ سنڌ جو ڪابينا ميمبرن کي ڀرپور سهڪار حاصل آهي، هو سمورن ترقياتي منصوبن جي اونرشپ وٺندو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪراچي جي ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ڇوته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي. هن چيو ته ان کان اڳ ڪنهن حڪومت ۽ جماعت ڪراچي کي هڪ به ميگا پراجيڪٽ ناهي ڏنو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ قيادت کي ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو ڪريڊيٽ وڃي ٿو. هن چيو ته شهري پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جو خيال رکن، هي عوام جي ملڪيت آهي. سنڌ حڪومت ان طرح جا وڌيڪ پروجيڪٽس آڻي رهي آهي. شهر جي ٽريفڪ، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته عوام سمجهي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي جيڪا ڳالهيون نه پر ڪم ڪندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button