پاڪستان

پاڪستان مشڪلاتن مان نڪري ايندو، اسان ٻاهر ڪڍنداسين:نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ماڻهو بيحال ٿيا پر پاڪستان ڏکيائين مان ٻاهر نڪري ايندو، پاڪستان کي مشڪلاتن مان اسان ڪڍنداسين. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عمران خان جي 4 سالن جي دور جي اسان جي حڪومتي دور سان ڀيٽ ڪريو، گذريل 4 سالن ۾ قوم سان ڪريل مذاق ڪئي وئي، پي ٽي آ دور جي ڀيٽ ۾ اسان جي دور ۾ ماڻهو خوشحال هئا، پاڪستان کي ڏکيائين مان اسان ئي ڪڍنداسين. ٻئي طرف لنڊن ۾ نواز ليگ جي مک قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، جيڪو 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهيو. حسين نواز جي آفيس ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مريم نواز، گهرو وزير راڻا ثنا الله، جاويد لطيف ۽ پرويز رشيد شريڪ ٿيا، ان موقعي تي نواز شريف کي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڊيو لنڪ ذريعي نواز شريف کي تفصيل سان آگاهي ڏني. اجلاس ۾ نواز شريف جي وطن واپسي بابت پڻ غور ڪيو ويو، ان حوالي سان نواز ليگ جي سينيئر قيادت کان رايا طلب ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button