پاڪستانپنجاب

مون وٽ اڃا ڪارڊ باقي آهن، اليڪشن مهم ۾ ٻاهر نڪرندس:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي لا سيڪيورٽي خدشا محسوس ڪندي آئينده ريلين ۽ جلسن ۾ بلٽ پروف اسڪرين استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور ۾ صحافين ۽ پارٽي ڪارڪنن سان ڳالهه ٻولهه ۽ پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهان، تنهن ڪري ريلين ۾ بلٽ پروف اسڪرين استعمال ڪري وڌيڪ احتياط ڪندس، مون وٽ اڃا ڪيترائي ڪارڊ باقي آهن، کيڏندس ته پي ڊي ايم وارن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ پي ڊي ايم لاءِ هڪ اهڙو شاٽ آهي جنهن جي گونج صدين تائين ٻڌي ويندي، جيڪڏهن مون کي نااهل ڪيو ويو تڏهن به ماڻهو پي ٽي آءِ جي نظريي کي ووٽ ڏيندا، جيڪڏهن عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان نٿو ٿئي تڏهن به رستن تي نڪري احتجاج ڪرڻ جو آپشن غور هيٺ ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پنجاب جي گورنر ايڊوائيس ۾ چونڊن جي تاريخ نه لکي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اهو قدم عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، هي اليڪشن جو سال آهي ته ظاهر آ اسان عوامي ريليون ڪڍنداسين، لڪي ويهي رهڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، آئون اليڪشن مهم لا ٻاهر نڪرندس، مونکي نااهل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نوان نوان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن پر اهڙو ڪو به ڪيس ناهي جيڪو مون کي نااهل ڪري سگهي، معاشي استحڪام آزاد ۽ منصفاڻين چونڊن سان ئي ممڪن آهي، هڪ مقبول ۽ عوامي مينڊيٽ واري حڪومت ئي معاشي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن فوري طور چونڊون نه ٿيون ته معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ سنجيده معاملو آهي، ملڪ اليڪشن ۾ وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهي، عوام کي چونڊن ذريعي فيصلي جو حق ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button