پاڪستانعالمي

جاپان تي به قرضن جا ڪوٽ چڙهيل، حڪومتي پاليسين ڊيفالٽ ٿيڻ نه ڏنو

جاپان دنيا جو اهو ملڪ آهي جنهن تي قرضن جا ڪوٽ چڙهيل آهن پر ڪڏهن به ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڪنڌي تي نه پهتو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي وڏين معيشتن ۾ جاپان سڀ کان وڏو قرضي ملڪ قرار ڏنو ويندو آهي پر قرضن جي وڏي حجم باوجود حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پرڏيهي ۽ عالمي سيڙپڪار پنهنجي پئسي جي سيڙپ لا جاپان تي ئي ڀروسو ڪندا آهن. رپورٽ مطابق دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ جاپان تي قرضن جو مجموعي حجم 9 ڏهائي 2 کرب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو آهي جيڪو ملڪ جي مجموعي جي ڊي پي جو 266 سيڪڙو آهي، قرضن جي اها رقم دنيا جي وڏين معيشتن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، اهو حجم اڳيان به وڌندو ئي رهندو، جاپان جي ڀيٽ ۾ آمريڪا جي قرضن جو حجم 31 کرب ڊالر آهي پر اهو آمريڪا جي ڪل جي ڊي پي جي صرف 98 سيڪڙو برابر آهي، جاپان تي قرضن جو ايترو وڏو حجم ان حد تائين پهچڻ جو سفر ڪجهه سالن جو ناهي پر قرضن جو بار وڌڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا لڳا آهن، جاپان جا ماڻهو تمام گهڻي بچت ڪندا آهن پر ان جي ڀيٽ ۾ منجهن مارڪيٽ اندر سيڙپڪاري ڪرڻ جو رواج ناهي، جڏهن ته شهرين سان گڏوگڏ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ڪاروباري ادارا به قرض استعمال ڪرڻ کان لنوائيندا آهن پر رياست اڪثر کين خرچ ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. رپورٽ موجب جاپان پنهنجا مالياتي معاملا سنڀالڻ لا دنيا جي ٻين ملڪن جيان بانڊ وڪرو ڪندو آهي ته جيئن تعليم، صحت ۽ دفاع جهڙن شعبن لا سالياني بجيٽ کي برقرار رکي سگهجي، جاپان پنهنجا قرض عالمي منڊين ۾ ان واعدي تي بانڊز جي صورت ۾ وڪرو ڪري ڇڏيندو آهي ته هو نه رڳو سيڙپڪارن کي سڄي رقم پر ان تي ڪجهه نه ڪجهه وياج يا نفعو مڪمل طور تي سيڙپڪار کي واپس ڪري ڇڏيندو، جاپان جي اهڙي خاطري بعد سيڙپڪار پنهنجو پئسو اتي لڳائين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button