پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نوجوان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف وارثن جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پراڻي ميرپور پوليس پاران 20 سالن جي نوجوان ڪيلاش ميگهواڙ کي موٽرسائيڪل ڦر ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف نوجوان جي وارثن، ۽ ميگهواڙ برادري جي عورتن توڙي مردن اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گرفتار نوجوان جي وارثن ريوو ميگهواڙ، ڪشور، هيمراج، گوند ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوڙي ڪيس ۾ پراڻي ميرپور پوليس اسان جي نوجوان کي 10 ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد اسان جي احتجاج بعد اڄ نوجوان کي موٽرسائيڪل ڦر جي ڪيس ۾ چالان ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم آهي ۽ ڪيس سراسر ڪوڙو آهي. هنن چيو ته پراڻي ميرپور پوليس گردي ڪري رهي آهي، اسان اهڙي شڪايت حد جي چونڊيل نمائندن کي پڻ ڏني، پر ڪير به اسان غريبن جي فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button