پاڪستانسنڌ

عمرساند ۾ پي جي ٽيجهي جو سامان وٺڻ ويندڙ نوجوان حادثي ۾ فوت

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي جي حد ٽنڊوالهيار مين روڊ جي بس اسٽاپ جمع خان لنڊ بس اسٽاپ وٽ مزدا ۽ چنگچي رڪشا وچ ۾ زوردار ٽڪر سبب چنگچي رڪشا هلائيندڙ ڳوٺ شاھنواز مھاجر جو رھواسي نوجوان علي محمد ولد ممتاز راجپوت تڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. جڏهن ته نوجوان جو لاش ڪيتري وقت تائين روڊ تي پيل رھيو، جنھن بعد نوجوان جا وارث ۽ عمر ساند پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گھر جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھو، جيڪو 2 ڏينهن اڳ فوت ٿيل پنھنجي پيءُ جي ٽيجهي جو سامان وٺڻ وڃي رھيو ته حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ٻئي طرف عمر ساند پوليس مزدا ڊرائيور ۽ مزدا کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button