اسلام آبادپاڪستان

پي اي سي ۾ رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. پي اي سي جي ميمبر برجيس طاهر چيو مُلڪ ۾ ڏيڍ لک سرڪاري گاڏيون آهن، ان جو پيٽرول بند ڪيو وڃي. جڏهن ته مشاهد حسين سيد چيو ته سرڪاري کاتن ۾ پنج لک رُپين کان وڌيڪ پگهارون نه ڏنيون وڃن. سليم مانڊوي والا جو چوڻ هو ته پي ايس او جا فيول ڪارڊ مليا آهن اُهي بند ڪرايو. جڏهن ته شيخ روحيل اصغر چيو ته وي آءِ پيز طبقي جون گاڏيون بم پروف آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مون پاڻ پنڌ هلندي ڏٺو آهي. جن وي آءِ پيز کي ڊپ ٿئي ٿو اُهي عهدو نه وٺن يا گهر ۾ رهن. اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي وي آءِ پي موومينٽ دوران ٽريفڪ کي روڪڻ کان منع ڪيو. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته مُلڪ ُٻڏي رهيو آهي جڏهن ته وي آءِ پيز هزارين لٽر مفت تيل ۽ موناٽيزڊ پاليسي انجواءِ ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آڊٽ اختياريون ايندڙ هفتي سمورو رڪارڊ فراهم ڪن، سي ڊي اي طرفان ريڪور ڪيل پلاٽن جا تفصيل پڻ فراهم ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button