پاڪستانسنڌ

مريم نواز تي ادارن جي توهين جو الزام، عدالت 10 مارچ تي طلب ڪري ورتو

سکر جي عدالت ادارن جي توهين ڪرڻ جي الزام ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز کي 10 مارچ تي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سکر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سکر جي ضلعي صدر ظهير بابر طرفان مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لا درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي ايديشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر شنوائي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مريم نواز جلسي ۾ تقرير دوران ملڪ جي ادارن خلاف ڳالهايو آهي، هن عوام کي ادارن خلاف بغاوت لا ڀڙڪائڻ جي ڪوشش به ڪئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مريم نواز کي 10 مارچ جو نوٽيس جاري ڪيو ۽ ايس ايڇ او ماڊل ٽائون، ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم ۽ ايس ايس پي سکر کي پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button