اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي شرح 48 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي،اٽو 56 سيڪڙو مهانگو

اسلام آباد : مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح 48 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽيٽسٽڪس پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب فيبروري 2022ع کان فيبروري 2023ع تائين هڪ سال دوران بصر جي قيمت ۾ 416 سيڪڙو، ڪڪڙ جي قيمت ۾ 96 سيڪڙو، بيضن جي قيمت ۾ 78 سيڪڙو ۽ چانورن جي قيمتن ۾ 77 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو. جڏهن ته چڻن جي قيمتن ۾ 65 سيڪڙو، سگريٽن جي قيمتن ۾ 77 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. چڻا 65 سيڪڙو، سگريٽ 60 سيڪڙو، مڱ جي دال 56 سيڪڙو، چڻا دال 56 سيڪڙو، اٽو 56 سيڪڙو، ماش جي دال 50 سيڪڙو ۽ کاڄرو تيل 50 ڏهائي 66 سيڪڙو مهانگو ٿيو. انگن اکرن موجب بناسپتي گيهه 45 سيڪڙو، تازا ميوا 45 سيڪڙو، تازو کير 32 سيڪڙو، مسور جي دال 27 سيڪڙو، شربت 24 سيڪڙو، آلو 22 ڏهائي 42 سيڪڙو، مڇي 21 سيڪڙو، گوشت 20 سيڪڙو ۽ ڀاڄيون 11 ڏهائي 60 سيڪڙو مهانگيون ٿيون. ان کانسوا هڪ سال دوران درسي ڪتابن جي قيمتن ۾ 74 سيڪڙو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 63 سيڪڙو، گئس جي قيمت ۾ 62 سيڪڙو، اسٽيشنري جي قيمت ۾ 61 سيڪڙو، صابڻ جي قيمتن ۾ 51 ڏهائي 63 سيڪڙو ۽ ماچيس جي قيمتن ۾ 51 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. هوڏاههن گاڏين جا پارٽس 38 سيڪڙو مهانگو ٿي ويا. جڏهن ته ٽرانسپورٽ چارجز 33 سيڪڙو وڌي ويا. اهڙي ريت ڳڻپ کاتي ماهوار مهانگائي جا انک اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب هڪ مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 32 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي. ان کان اڳ اپريل 1965 ۾ مهانگائي جي شرح 29 ڏهائي 3 سيڪڙو هئي. ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ 2022ع کان فيبروري 2023ع دوران مهانگائي جي شرح 26 ڏهائي 19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي.انگن اکرن موجب شهرن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 54 سيڪڙو واڌ جڏهن ته ٻهراڙي واري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 01 سيڪڙو واڌ ٿي. واڌ کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. عارف حبيب ڪارپوريشن موجب جولاءِ 1965ع کان پوءِ موجود ڊيٽا ۾ هي سڀ کان وڌيڪ اضافو آهي. پاڪستان جي شماريات بيورو (پي بي ايس) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 28 ڏهائي 82 سيڪڙو ۽ 35 ڏهائي 56 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button