چيني حڪومت پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڪڍڻ لا مالياتي ادارن ۽ قرض ڏيندڙ ملڪن کان هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جو ذميوار هڪ ترقي يافتا ملڪ آهي، جنهن جون بنياد پرست پاليسيون پاڪستان سميت ترقي جي واٽ تي هلندڙ ملڪن لا مالي ڏکيايون پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿيون. چين جي پرڏيهي وزير بيجنگ ۾ نيوز بريفنگ دوران چيو ته مالياتي ادارا ۽ قرض ڏيندڙ ملڪ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ مدد ڪن، سڀني ڌرين کي پاڪستان لا هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سڌريل ملڪن جون سخت معاشي پاليسيون پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ معاشي بحران پيدا ٿيڻ جو سبب آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ آمريڪا جو نالو وٺڻ بنا چيو ته ڪجهه ترقي يافتا ملڪن جون بنياد پرست پاليسيون پاڪستان سميت ترقي جي واٽ تي هلندڙ ملڪن لا مالي ڏکيايون پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿيون. چيني پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته چين ۽ پاڪستان اسٽريٽجڪ شراڪتدار ۽ مضبوط دوست ملڪ آهن. چين ۽ پاڪستان هر فورم تي هميشه هڪٻئي جي حمايت ڪئي آهي، چين هميشه پاڪستان سان معاشي ۽ مالي سهڪار ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿئي ۽ عوام جي زندگيءَ جو معيار بهتر ٿئي ۽ ملڪ ترقيءَ جي رستي تي گامزن ٿئي، اولهه جا واپاري قرض ڏيندڙ ۽ ڊگهي مدي جا مالياتي ادارا اُسرندڙ ملڪن کي سڀ کان وڏو قرض ڏيندڙ ذريعو آهن، ان لاءِ چين سمورين ڌُرين تي زور ڀري ٿو ته اهي پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي استحڪام لاءِ گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close