پاڪستان

ڊالر جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ، هڪ ئي ڏينهن اندر 19 رپيا مهانگو ٿي ويو

آ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير جو فائدو وٺي ڊالر آسمان تي پهچي ويو، اڌ ڪلاڪ اندر 3 ڀيرا مهانگو ٿيڻ بعد انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 18 رپين کان وڌيڪ واڌ سان 285 رپين جو ٿي ويو آهي، جيڪو پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ ساڍا 6 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جي برابر آهي، گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 266 رپيا 11 پئسن تي بند ٿيو هو. تفصيل موجب آ ايم ايف سان معاملا اڃا تائين فائنل نه ٿيڻ جو اثر هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني ڪرنسي تي پيو آهي، آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو 18 رپيا اضافو ڏٺو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ کلڻ جي ڪجهه ڪلاڪن اندر انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر جو اگهه لڳ ڀڳ 19 رپيا اضافي بعد 285 رپين تائين پهچي ويو، جيڪو ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ آهي. خميس جي ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 285 رپيا 09 پئسن تي بند ٿيو، رڳو ايترو ئي نه پر اوپن مارڪيٽ ۾ به آمريڪي ڊالر 300 رپين کان به وڌيڪ ۾ وڪرو ٿيو، ڊالر جو قدر اهڙي وقت ۾ وڌي رهيو آهي جڏهن پاڪستان معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ جا مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا به 4 ارب ڊالرن کان گهٽ وڃي بچيا آهن. ٻئي طرف حڪومت هاڻوڪي معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لا عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) سان نهاري رهي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ اندر اها ئي غير يقيني صورتحال مارڪيٽ تي به اثر انداز ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button