آ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير جو فائدو وٺي ڊالر آسمان تي پهچي ويو، اڌ ڪلاڪ اندر 3 ڀيرا مهانگو ٿيڻ بعد انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 18 رپين کان وڌيڪ واڌ سان 285 رپين جو ٿي ويو آهي، جيڪو پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ ساڍا 6 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جي برابر آهي، گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 266 رپيا 11 پئسن تي بند ٿيو هو. تفصيل موجب آ ايم ايف سان معاملا اڃا تائين فائنل نه ٿيڻ جو اثر هڪ دفعو ٻيهر پاڪستاني ڪرنسي تي پيو آهي، آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ اوچتو 18 رپيا اضافو ڏٺو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ کلڻ جي ڪجهه ڪلاڪن اندر انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر جو اگهه لڳ ڀڳ 19 رپيا اضافي بعد 285 رپين تائين پهچي ويو، جيڪو ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ آهي. خميس جي ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 285 رپيا 09 پئسن تي بند ٿيو، رڳو ايترو ئي نه پر اوپن مارڪيٽ ۾ به آمريڪي ڊالر 300 رپين کان به وڌيڪ ۾ وڪرو ٿيو، ڊالر جو قدر اهڙي وقت ۾ وڌي رهيو آهي جڏهن پاڪستان معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ جا مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا به 4 ارب ڊالرن کان گهٽ وڃي بچيا آهن. ٻئي طرف حڪومت هاڻوڪي معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لا عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) سان نهاري رهي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ اندر اها ئي غير يقيني صورتحال مارڪيٽ تي به اثر انداز ٿي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close