پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ قتل ڪيل عورت جي ڏير ۽ سس کي 25 سال قيد

ميرپورخاص : ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ عورت مسڪان کوکر جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سندس ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سس امتياز بي بي کي 25-25 سال قيد جي سزا جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. 2021ع ۾ نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ عورت مسڪان کوکر قتل ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪيس مقتولا عورت جي والد تنوير کوکر جي فرياد تي مقتولا عورت جي ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سندس سس امتياز بي بي مٿان داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو، جنھن جو ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي عورت جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار علي حيدر راجپوت ۽ سندس ما کي عمر قيد 25-25 سال سزا ڏني. عدالت جوابدار ما ۽ پٽ کي عورت جي وارثن کي 43 لک 18 ھزار 500 رپيا ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو، عدالتي فيصلي بعد ما پٽ کي جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button