پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پيار جي شادي ڪندڙ نوجوان وليمي واري رات قتل

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پيار جي شادي ڪندڙ نوجوان وليمي واري رات ڪمري ۾ گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو. پوليس ڪنوار کي جاچ لا حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش لغاري ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ گهوٽ 20 سالن جي صابر علي کوکر کي ڪمري وليمو ختم ٿيڻ بعد رات جي وقت ڪمري ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو، گهوٽ کي گوليون هڻي ماريو ويو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نياز کوسو ٻڌايو ته سائره ۽ صابر علي کوکر هڪ ڏينهن اڳ ڊگهڙي ۾ پيار جو پرڻو ڪيو، رات سندن وليمي جي تقريب رٿيل هئي، تقريب ختم ٿيڻ کانپو صبح جو ڪمري ۾ گهوٽ کي قتل ڪرڻ جو اطلاع مليو، جانچ موجب ته ڪمري ۾ ڪنوار سائره موجود هئي ۽ گهوٽ جو به لاش مليو هو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو آھي ۽ ڪنوار سائره کي پوليس تحويل ۾ جانچ لا رکيو آھي. هوڏانهن نوجوان جي قتل بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن. ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته صابر علي کوکر ۽ 18 ورهين جي ناري سائره کوکر هڪ ڏينهن اڳ ڊگهڙي ۾ پيار جي شادي ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button