پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر جي عوام لا مڌر چائلڊ موبائل ڪلينڪ جو افتتاح

ننگرپارڪر: ڊبليو ايڇ او پاران ننگرپارڪر جي عوام لا ڏنل مڌر چائلڊ موبائل ڪلينڪ جو افتتاح ايم پي اي پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سراج سومرو ڪيو. موبائل ڪلينڪ بابت صحافين سان ڳالھائيندي قاسم سراج سومرو چيو ته ٻوڏ ۾ ڳوٺن ۾ وڏيون موبائل وينون نٿيون وڃي سگھن، اتي هي موبائل ڪلينڪ گاڏي ويندي، سموري سنڌ لا 5 گاڏيون مليون آهن، موبائل ڪلينڪ ۾ عملو ۽ بجيٽ ڌار آهي، موبائل اسپتال ۾ او پي ڊي، ڊليوري ڪرائڻ جون سھولتون ۽ نيوٽريشن سپورٽ جي سھولت به شامل ھوندي، ھي اسپتال ٿر جي انھن پري واري ڳوٺن ۾ موڪلي ويندي، جتي صحت جي ڪا سھولت ناہي. صحافين جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سراج سومرو چيو ته ننگرپارڪر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غيرحاضري، ڊيوٽي ۾ غفلت، اسپتال ۾ ٽيسٽن جي سھولت نه ھجڻ بابت ٻڌايو ته منھنجي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ۽ ايم ايس ننگرپارڪر سان تفصيلي ميٽنگ ٿي آھي، اسپتال ۾ سرجن، گائناڪولاجسٽ ۽ ٻين ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي، ان باوجود 2 ليڊي ڊاڪٽرياڻيون موجود آھن. ورلڊ بئنڪ جو پراجيڪٽ منظور ٿي چڪو آھي، جنھن ۾ ننگرپارڪر اسپتال نئين ٺھندي، ايمرجنسي سيڪشن ڌار ٺھندو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ھرچند، ڊپٽي ڊي ايڇ او چھنو مل، ايم ايس ڊاڪٽر پونمچند، ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، سردار خان کوسو، علي اڪبر راھمون، ڪريمڏنو دل، لالالجپت ڀيل، علي اڪبر رند ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button