پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ پراڻي دشمني تان همراهه ڪهاڙيون هڻي قتل

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد شھر جي لاھوتي چوڪ تي ھوٽل تي ويٺل ڳوٺ ساجن چانڊيو ديهھ 296 جو رھواسي 48 سالن جو ساجن چانڊيو پٽ لال بخش چانڊيو ڪھاڙيون منھن ۾ لڳڻ ڪري بيدردي سان قتل ٿي ويو، جڏھن ته جوابدار واقعي بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ھوڏانھن ڪوٽ غلام محمد پوليس ڪارروائي ڪندي ساجن چانڊيو کي بيدردي سان منھن ۾ ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدار جمعون چانڊيو کي گرفتار ڪري ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدار مقتول ساجن چانڊيو جو ويجھو عزيز آھي، ساجن چانڊيو جا وارث ٿاڻي تي ايندا ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي قتل ٿيل ساجن چانڊيو جي ڀائيٽي عنايت چانڊيو ٻڌايو ته جمعون چانڊيو سان پراڻي دشمني ھئي ۽ اھڙي درخواست ٿاڻي تي ڏنل ھئي. ھوڏانھن مقتول ساجن چانڊيو جي جنازي نماز سندس ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button