پاڪستانسنڌ

تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لا مظاهرا

ٽنڊوالهيار/نئون ديرو/ سنجهورو: ٽنڊوالهيار ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر محمد علي ميرجت، نواب بهراڻي، الله ڏنو هڪڙو، عبدالله ڪنڀار، دلدار لنڊ، شوڪت ميرجت ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پروموشن لا من پسند ماڻهن کي سينارٽي لسٽ ۾ شامل ڪري اسان سينيئرن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، 2007ع ۾ اسان جو ٽائيم اسڪيل 2 هو، 2011 ۾ ڪورٽ اسان کي ريگيولر ڪيو، پر هن وقت اسان کي هڪ گريڊ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو ظلم آهي. اسان جي 30 سيڪڙو ڪوٽا تي تعليم کاتي جا عملدار من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪري رهيا آهن. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جا جائز مطالبا منظور ڪري انصاف ڪيو وڃي. نئون ديرو ۾ تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن رجب مڱڻيجو، سڌير کوکر، شمشاد ميراڻي، ڪليم الله ڪوريجو، مجاهد علي ۽ شمير کوکر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب پهچي علامتي بک هڙتال ڪئي. سنجھورو ۾ تعلقي صدر مصري ٿھيم جي اڳواڻي ۾ اميربخش چانگ، مير علي چانگ، عطا محمد جلالاڻي، محسن ٽالپر، سائين بخش ھنڱورو، محمد رضا جلالاڻي، نعيم ٽالپر، سجاد چانگ، امير بخش ڪاڇائي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button