اسلام آبادپاڪستان

عمران خان مئسيج ڪري عدالتي ڪيسن ۾ مدد گهري: اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار

سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان 3 هفتا اڳ واٽس ايپ تي مئسيج ڪيو ۽ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي سلسلي ۾ مدد گهري هئي، هن ڳالهائڻ پئي چاهيو پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته عمران خان کي مڪمل ۽ سمورن معاملن تي صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو، عدالت ۾ جيڪي دستاويز آيا انهن جي بنياد تي اڳوڻي وزيراعظم کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، جيڪو شخص اڄ عدالتن تي حملا ڪري رهيو آهي اُهو ڪڏهن عدالتن جو لاڏلو به رهيو آهي، اڄڪلهه عدالتي فيصلن تي اُهي ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن جن کي قانون جي زير زبر جي به خبر ناهي، جيڪو همراهه اڄ عدالتن جي حملا ڪري رهيو آهي اُهي ڪڏهن عدالتن جو پسنديده رهيو آهيو، رڳو هڪ ڪيس کانسواءِ کيس سدائين عدالتن مان رليف ملندو رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن اڃا چيف جسٽس نه بڻيو هئس تڏهن نواز شريف مختلف موقعن تي چوڻ شروع ڪيو ته هي پنهنجو چيف آهي. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ٻن ڏينهن کان منهنجو واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو آهي، اڃا تائين ريڪور ناهي ٿيو، خدشو آهي ته منهنجي موبائيل ڊيٽا کي ڪنهن مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر منهنجو واٽس ايپ هيڪ ڪرڻ وارن کي شرمساري ئي ٿيندي، ان کان اڳ به منهنجا مختلف وڊيوز جوڙي هڪ آڊيو ٺاهي وئي هئي، ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت چوري جي ذمري ۾ ايندو آهي. هن چيو ته عمران خان کي مڪمل طور صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو، ان کي سياسي رنگ ڏنو ويو، عمران خان کي ٽن نقطن تي صادق ۽ امين قرار ڏنو، اڪرم شيخ عمران خان بابت ٽي نقطا لکي ڏنا ته انهن تي فيصلو ڪيو وڃي، ٽنهي نقطن تي عمران خان صادق ۽ امين ثابت ٿيو هو. جسٽس (ر) ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته مُلڪ جي مسئلن جو حل چونڊن ۾ آهي، 2018ع ۾ به اليڪشن جي رستي ۾ رندڪون وڌيون ويون جنهن کي ناڪام بڻايو ويو هو جنهن جو بابر يعقوب شاهد آهي. هن اعتراف ڪندي چيو ته مان به انسان آهيان ۽ مون به ڪي غلط فيصلا ڪيا هوندا پر مُلڪ جي بقا لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا ان تي عمل ڇو نٿا ڪيو؟ ثاقب نثار کان سوال ڪيو ويو ته پاناما ڪيس ۾ اوهان تي نواز شريف کي نااهل ڪرائڻ لاءِ جنرل ( ر ) فيض دٻاءُ وڌو؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته جنرل (ر) فيض ڪير ٿيندو آهي جيڪو مون تي دٻاءُ وجهي ها؟ جنرل (ر) باجوا سان ان دعويٰ جي حوالي سان ڳالهائيندس، هو چون ٿا ته مان عمران خان لاءِ عدليا ۾ لابنگ ڪري رهيو آهيان، مان ڇو عمران خان لاءِ عدليا ۾ لابنگ ڪندس، آئون ته پنهنجي ٻارن جي مستقبل لا پريشان آهيان. منهنجي مرڻ بعد هڪ ڪتاب شايع ٿيندو، جنهن ۾ سموريون حقيقتون هونديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button