پاڪستانعالمي

اسرندڙ ملڪن لاءِ قرضن تي شرط آسان ڪرڻ گهرجن:وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن لاءِ قرضن جي شرطن کي آسان ڪيو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي، پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي قطر پاران اها ڪانفرنس منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي پائيدار ترقي لاءِ ڪانفرنس جو انعقاد وقتائتو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. اسان کي گڏجي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي وڏي انگ کي غربت ۽ غذائي کوٽ درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ان فورم جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان ان فورم سميت سڀني اهم فورمن تي اسرندڙ ملڪن جي آواز کي اجاگر ڪندو رهندو. هن اسرندڙ ملڪن لاءِ ويڪسين جي فراهمي کي تسلسل سان يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن تجويز ڏني ته اسرندڙ ملڪن لاءِ قرض جي شرطن کي آسان بڻائڻ گهرجي ۽ عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن اسرندڙ ملڪن جي جديد ٽيڪنالاجي تائين پهچ آسان بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ علم ترقي ۾اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دوحا پروگرام آف ايڪشن لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته ان پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button