سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور

سنڌ اسيمبلي سومر تي پنهنجي اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ جي سخت خدشن جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو. ٺهراءُ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي اونداهه ۾ رکيو ويو آهي ۽ سنڌ کي ڊيٽا تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي، ڊيش بورڊ به ڪم نه پيو ڪري، جنهن سبب شڪ پيدا ٿي رهيا آهن. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته جيڪي گهر ٻوڏ ۾ لڙهي ويا هئا، انهن جي ڳڻپ جو ڪوئي مڪينزم ناهي ٺاهيو ويو، ضلعي انتظاميا به فراهم ڪيل نقشن ۾ نقصن کان آگاهه ڪيو آهي، ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي موقعي تي اپوزيشن ايوان ۾ گوڙ ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جنهن کان پوءِ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. جي ڊي اي جي عبدالرزاق راهمون چيو ته آدمشماري جي عملي کي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، انهن کي اهڙيون ڊواسز ڏنيون ويون آهن، جن ۾ سگنل نٿا اچن. هن چيو ته هي آدمشماري شفاف نموني سان نه پئي ٿئي. جنهن کان پوءِ اسپيڪر اجلاس 14 مارچ تي منجهند 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button