سنڌ

سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ڊجيٽل آدمشماري شفاف طريقي سان ٿئي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صاف ۽ شفاف طريقي سان ڊجيٽل آدمشماري جو عمل ٿئي ۽ ڪنهن جماعت يا گروپ کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هجي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي اڄ قرارداد پڻ منظور ڪئي آهي ته ڊيجيٽل آدم شماري شفاف طريقي سان ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ڊيجيٽل آدم شماري تي واضح موقف ڏئي چڪا آهن. هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ جو نعرو لڳائيندڙ هاڻي جيل کان بچايو تحريڪ ۾ مصروف آهن. جيل وڃڻ جو خوف سندس ذهن تي تمام گهڻو هاوي ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏايون ويون. هن چيو ته اقتدار جي هوس ۾ عمران نيازي پنهنجي حقيقي آقائن جي خلاف زهريلي مهم ۾ مصروف آهي، جن جي مدد سان عمران خان کي ناجائز اقتدار ڏنو ويو، اڄ انهن جي خلاف عمران نيازي پرڏيهي ملڪن کان مهم هلائي رهيو آهي. عمران کي جنهن اقتدار ۾ آندو، اڄ انهيءَ جي ڳلي پئجي ويو آهي. هن چيو ته باجوه صاحب هن کي جھولي ۾ ويهاريو، ان وقت سڀ ٺيڪ هو. هن چيو ته هاڻي اداري جي هر آفيسر کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، اها تحريڪ نه پر غنڊا گردي آهي، ڇا هٿن ۾ لٺيون کڻي تحريڪ هلائي ويندي آهي. هي چاهي ٿو ته بليڪ ميل ڪري ته جيئن چور دروازي کان اقتدار ۾ اچي سگهي. هن چيو ته عمران خان چوندو آهي ته ھو ماريو ويندو، کيس ٻڏي مرڻ گهرجي، ڇا ھو ايڏو وڏو ترم خان آهي جو ماڻهو ھن جا دشمن ٿي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان احسان فراموش شخص آهي، پنهنجي محسن کي گھٽ وڌ ڳالھائي رهيو آهي. هن چيو ته انھن کي چار چار گوليون لڳيون پر انهن کي ڪجهه به نه ٿيو، ڇا سمورا ماڻهو بلٽ پروف پيدا ٿيا هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جنهن شخص کيس صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو، هاڻي اهو به چئي رهيو آهي ته مون کيس ٽن شين تي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو. سمورين شين تي نه ڏنو ھو. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي شخص پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جا رستا ڳولي رهيو آهي. هن شخص پويان ٻاهريان هٿ آهن، جيڪي سندس مالي مدد ڪري رهيا آهن، اهو سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته پاڪستان آهي ته اسان آهيون. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي انهن ماڻهن جا گريبان پڪڙڻ گهرجن ۽ انهن جو گھيرا ڪرڻ گهرجي. هي تبديلي نه پر تباهي آهي، جنهن اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ گهرجي پر وفاقي حڪومت تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته معصوم ماڻهن جون جانيون ضايع نه ٿين . هن چيو ته عمران خان ٽڪراءُ چاهي ٿو، ڪراچي جي مڪاني چونڊن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حافظ نعيم الرحمان 10 مارچ جو انتظار ڇو ڪري رهيو آهي، اڄ ئي اليڪشن ڪميشن هليو وڃي، اسان کي ڪنهن قسم جي ڌانڌلي ناهي ڪرڻي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ جي ڪري جماعت اسلامي کي ايتريون سيٽون مليون نه ته سندن 25 کان وڌيڪ سيٽن جي حيثيت نه هئي. هن چيو ته جيڪڏهن حافظ نعيم الرحمان ڪراچي جي ميئر جا خواب ڏسي رهيو آهي ته خواب ڏسڻ تي ڪابه پابندي ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button