نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ بچا واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان بهتر آهي ته کيس ائين ئي ڊوڙايو وڃي، پي ٽي آ چيئرمين جي سياسي بزدلي ڏيکارڻ ۾ ته حڪومت جو ئي فائدو آهي، گذريل ڏينهن سڄي قوم عمران خان جي بزدلي ڏسي ورتي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران گرفتاري جي ڊپ کان لڪي رهيو هو، شبلي فراز چوي ٿو ته عمران زمان پارڪ واري گهر ۾ موجود ناهي پر حقيقت ۾ هن اتان ئي خطاب ڪيو هو. بچا واري وزير وڌيڪ چيو ته جتي به اتحادي حڪومتون هونديون آهن اتي ننڍا وڏا اختلاف ٿيندا آهن ۽ اختلاف ڳالهه ٻول ذريعي حل ٿي ويندا آهن، پيپلز پارٽي جي وزيرن سدائين اتحادي حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close