بلوچستانپاڪستان

بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ تي آپگهاتي حملو، 9 اهلڪار شهيد، 13 زخمي

بلوچستان جي علائقي بولان ۾ خودڪش بمبار بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ تي ڌماڪو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. نصيرآباد ڊويزن جي ڪمشنر بشير احمد بنگلزئي بي بي سي کي ٻڌايو ته ڌماڪي جو نشانو بڻيل گاڏي سبي کان ڪوئيٽا ڏانهن وڃي رهي هئي، ان دوران ڪنبڙي پل تي هڪ آپگهاتي بمبار پنهنجي موٽر سائيڪل گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب اهلڪار محمد حيات، اي ايس آءِ گلبدين، سميع الله، شهزاد، اسحاق، دولت، نذير، قيوم ۽ ظهور شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سليم جاويد، عبدالسلام، غلام قدير، عطاءُ الله، عبدالحق، محمد يعقوب ۽ رستم علي سميت 13 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لا سبي منتقل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته حملي جو نشانو بڻيل اهلڪار ڪوئيٽا کان سبي ميلي جي سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ لا سبي ويل هئا، دهشتگردي واري واقعي جي اڃا تائين ڪنهن به ذميواري قبول نه ڪئي آهي. واضح رهي ته بلوچستان ۾ 24 ڪلاڪن اندر دهشتگردي جو ٻيو وڏو واقعو پيش آيو آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي بولان محمود تونيزئي موجب موٽر سائيڪل سوار آپگهاتي بمبار ٽرڪ جي ويجهو اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملندي پوليس ۽ امداد ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. هن چيو ته شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي سبي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي، ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ سبي جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڌماڪي بعد بم ڊسپوزل ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي ۾ سرچ ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو بولان واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين ذريعي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين سازشن کي عوام جي حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن صوبائي حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي ۽ چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. صوبائي گهرو وزير مير ضيا الله لانگو بلوچستان ڪانسٽيبلري جي گاڏي تي حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي بلوچستان کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جاري بيان ۾ گهرو وزير انتظاميا کي بم ڌماڪي جي زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button