پاڪستانپنجاب

ملٽري مائينڊ سيٽ ۽ عدليا کي به ٺيڪ ڪرڻو آهي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان هڪ ملڪ آهي، ڪا پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني نه آهيون جو ڏيوالو نڪرندو، جاپان 10 ڀيرا ڊفالٽ ٿيو ۽ واپس آيو، جيئن پوري قوم کي ٺيڪ ڪرڻو ۽ سنڀالڻو آهي، تيئن ملٽري مائينڊ سيٽ کي سنڀالڻو آهي اهڙي ريت عدالت کي به سنڀالڻو ۽ ساڻن ڳالهائڻو آهي، عدليا سميت ملڪ جي هر اداري ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. ملتان ۽ وهاڙي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري مختلف سوالن جا جواب ڏنا. هن چيو ته پوري قوم جيان معيشت کي سنڀالڻو ۽ ٺيڪ ڪرڻو آهي، ملٽري مائينڊ سيٽ کي سنڀالڻو آهي، اهڙي ريت منهنجو خيال آهي ته عدليا کي به سنڀالڻو آهي، انهن سان ڳالهه ٻول ڪرڻي پوندي، هي به اسان منجهان ئي آهن ۽ اسان منجهان ويل ماڻهو آهن، پهرين وڪيل هئا ۽ هاڻي جج بڻجي ويا آهن. حڪومت سنڀالڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر چيو ته ائين ناهي ته اسان کي خبر نه هئي ته حالتون ڪهڙيون آهن، اسان کي خبر هئي ته هي وقت حڪومت وٺڻ جو ناهي، معاشي خرابيون ٿي رهيون آهن پر هن کي پتو نه هو جيڪو هليو ويو، کيس احساس ئي نه هو، جيڪڏهن اسان حڪومت نه وٺون ها ته عمران خان جنهن واٽ تي هلي پيو هو اها ملڪ جي تباهي جو سبب بڻجي وڃي ها، اهو صفا سولو هو ته اسان 2 مهينا انتظار ڪريون ها ۽ ٻيهر چونڊون ڪرائي ڇڏيون ها پر هن کي ڪجهه اهڙا ڪم ڪرڻا هئا جن کان اسان کي کيس روڪڻو هو، نه ته جيڪڏهن هو اهي ڪم ڪري وٺي ها ته قوم کي کپائي ڇڏي ها، هو هر جڳهه وڪرو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي، هن جي ته عادت آهي بس ڪو خريدار هجي، هي ته ڌرتي آهي، جنهن کي اسان وڪرو نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي ڪنهن کي ڏئي سگهون ٿا، عمران سمورا ادارا وڪرو ڪرڻ پئي چاهيا، اسان اقتدار ۾ اچي ملڪ کي بچائي ورتو آهي، منهنجي سوچ چوي ٿي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ آدمشماري تي خدشا آهن، تنهن ڪري خدشا ختم ڪرڻا پوندا. عمران خان سان مفاهمت جي سوال تي آصف زرداري چيو ته سياستدانن ۽ سياسي ماڻهن سان ڳالهه ٻول ٿي سگهي ٿي پر عمران خان جهڙي غير سياسي شخص سان نٿا ڳالهائي سگهون جيڪو هر ڳالهه ڪرڻ بعد يو ٽرن وٺي ڇڏيندو آهي، سياسي ادارن، سياسي خاندانن ۽ سياسي جماعتن سان ڳالهائي سگهجي ٿو پر هن غير معياري سياسي جماعت ڪهڙي ڳالهه ٻول ڪريان، هي ته پاڻ چوندو آهي ته مان يوٽرن وٺندو آهيان ۽ يوٽرن منهنجي عادت آهي ته پو هڪ سياسي ماڻهو جڏهن زبان ڏئي ڇڏي ته پو ان تان يوٽرن ڪيئن ٿيندو؟ هي چوي ٿو يوٽرن وٺڻ سٺو هوندو آهي، جيڪڏهن هٽلر هجي ها ته ائين ٿئي ها، نپولين ڪري ها ته فلاڻو ٿئي ها، جنهن نپولين ۽ هٽلر تي هڪ ڪتاب پڙهيو آهي اهو اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري سگهي ٿو، سياست ۾ جفاڪشي ڪرڻي پوندي آهي ۽ عمران خان جفاڪشي جو هيراڪ ناهي، عمران عدالتن کي منهن ڏيڻ کان ڊڄي ٿو، جڏهن ته سياستدان نه عدالتن کان گهٻرائجندو آهي نه ئي جيلن کان ڊڄندو آهي، اسان ڪاوڙ پيئڻ جا عادي آهيون، جڏهن کان سياست ۾ آيو آهيان، وڏي صبر ۽ حوصلي سان ڏکياين کي منهن ڏنو آهي، اسان پارٽي لا قربانيون ڏيندڙن جو احترام ڪندا آهيون، يوسف رضا گيلاني 6 سال جيل ڪاٽيو ته اسان کيس وزيراعظم بڻائي ڇڏيو. عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري تاثر تي زرداري چيو ته اهو ڪم گهرو وزير جو آهي، مان ان ۾ مداخلت ڇو ڪريان، هي گهرو وزير جو ڪم آهي، هو مون کان ڇو پڇندو، کيس جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪري وٺندو. ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ واري سوال تي هن چيو ته اسان هڪ ملڪ آهيون، ڪا پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني نه آهيون، جاپان 10 ڀيرا ڊفالٽ ٿيو پر واپس موٽي آيو، آمريڪا جو ڏيوالو نڪتو وري بحال ٿيو، ڪڏهن ٻڌندا آهيون ته دبئي ۾ اگهه صفا ڪري پيا آهن پر وري بحال ٿي ويو ته اهڙي نموني نه هلندا آهن ته پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني جيان اسان جا شيئرز ڪمزور ٿيا ته ملڪ ختم ٿي ويو. پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ واري معاهدي بابت اڳوڻي صدر چيو ته ان جو دارومدار وقت ۽ حالتن تي آهي، سياست حالتن تي ٿيندي آهي، سياست اڻ ٿيڻي يا ناممڪنات تي نه پر ممڪنات تي ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جو پنهنجو موقف ۽ اسان جو پنهنجو موقف آهي پر پي ڊي ايم اڪثريتي پارٽي آهي، تنهن ڪري اسان هنن سان گڏ هلندا آهيون، پي ڊي ايم سان گڏ هلي رهيا آهيون پر پي ڊي ايم جو حصو نه آهيون، اسان پي ڊي ايم جو نه پر حڪومت جو حصو آهيون، تنهن ڪري فاروق نائيڪ عدالت ۾ درخواست ڏني ته اسان کي به ٻڌو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته راجن پور واري چونڊ مقبوليت تي نه کٽي وئي پر مهانگائي سبب ائين ٿيو آهي ۽ حد اها آهي جو هاڻي دال به خراب اچي ٿي، دال ۾ ملاوت نه هوندي هئي پر هاڻي دال ۾ به ملاوت ڪئي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button