سنڌ

سينيئر صحافي محمد حنيف ماڃوٺي لاڏاڻو ڪري ويو

سينيئر صحافي محمد حنيف ماڃوٺي لاڏاڻو ڪري ويو، سينيئر صحافي محمد حنيف ماڃوٺي گذريل ٻن سالن کان گڙدن جي تڪليف سبب علاج ھيٺ ھو، حنيف ماڃوٺي جو علاج ايس آءِ يو ٽي ۾ ڊائلاسز ۽ علاج ھلندڙ ھو، سومر جي رات جو دير سان حنيف ماڃوٺي پنھنجا پساهه پورا ڪري وڃي خالق حقيقي سان مليو، سندس جنازي نماز ٻڪرا پڙي جي مدينه مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن بعد سندس مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته حنيف ماڃوٺي جي والد عبدالمجيد چوھڙ جمالي واري ۽ ٻين وارثن سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي. ھوڏانھن سينيئر صحافي حنيف ماڃوٺي جي لاڏاڻي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، نائب صدر مشتاق سھيل، سيڪريٽري شعيب خان ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن ذوالفقار واھوچو، ذوالفقار راڄپر، اڳوڻي ڪراچي پريس ڪلب جي طاھر حسن خان، امتياز فاران، فاضل جميلي، اڳوڻي نائب صدر رشيد ميمڻ، اعجاز سمون، عبدالرحمان، نور محمد ڪلھوڙو، عباس پٺاڻ، ماجد سنديلو، سينيئر صحافي ماڻڪ ڪنگراڻي، آزاد شر، رزاق ابڙو، آفاق ڀٽي، ماجد سمون، نصر اللھ جمالي ۽ ٻين حنيف ماڃوٺي جي پونئرن سان ڏک جو اظھار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button