سنڌ

سنڌ پيادل مارچ جي ڪارڪنن جا حوصلا جوان، قافلو حيدرآباد پهچي ويو

سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي، ڪرپشن، بدامني جي باهه ۽ ڊجيٽل آدمشماري جي طريقيڪار خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان سکر کان شروع ڪيل سنڌ پيادل مارچ حيدرآباد پهچي ويو آهي. پيادل مارچ شام ڌاري ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٽڙي با پاس تي پهتو. جتي مقامي اڳواڻن ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين طرفان گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو. ان کان اڳ مٽياري ۽ مسو ڀرڳڙي ۾ به سنڌ پيادل مارچ جي آجيان لا سوين ماڻهو نڪري آيا. قافلي ۾ شريڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن رات ھٽڙي با پاس وٽ ترسيا ۽ اڄ صبح سوير مارچ حيدرآباد سٽي گيٽ پھچندو، جتان حيدرآباد جي مختلف علائقن کان ڪارڪن سياسي سماجي اڳواڻ استقبال ڪندا، سنڌ مارچ جو پيادل قافلو سٽي گيٽ کان شھر جي مختلف علائقن جو گشت ڪري حيدرچوڪ پھچندو. سنڌ پيادل مارچ کي مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳوڻ روشن ٻرڙو، آزاد امير پنهور ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته حڪمران سنڌي قوم کي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب بدامني وڌي وئي آھي پر حڪمران پنھنجي ھڪ ھٽي تي برقرار آھن، جيڪي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري پنھنجا مفاد حاصل ڪرائڻ چاھين ٿا. هنن چيو ته اسان سنڌ ۾ مهانگائي، ڪرپشن ۽ ڊجيٽل آدمشماري خلاف آواز اٿارڻ لاءِ نڪتا آهيون، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ناانصافي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، اسان جو پيادل مارچ پرامن احتجاج آهي، اسان جي منزل ڪراچي آهي. هنن چيو ته حڪمرانن سنڌي قوم کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي، امن امان جي خراب صورتحال سبب شهري غير محفوظ بڻيل آهن، مھانگائي جي نتيجي ۾ بدامني وڌي وئي آھي، جڏهن ته برساتن بعد ھٿرادو ٻوڏ سبب اڃا تائين متاثر ٿيل ماڻھو پنھنجن گھرن ڏانهن منتقل نه ٿي سگھيا آھن، ان باوجود حڪمرانن کي ڪو احساس ئي ناهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته انقلاب جي شروعات ٿي چڪي آھي، جھڙي طرح ماڻھو ايس يو پي جي سنڌ مارچ کي موٽ ڏئي رھيا آھن ان مان لڳي ٿو ته تمام جلد سنڌ جو عوام ڪرپٽ ٽولي مان نجات حاصل ڪري وٺندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button