ٽنڊوالھيار: ڊپٽي ڪمشنر طرفان ٽنڊوالھيار جي بنانا اوپن منڊي کي بند ڪرائڻ جا نوٽيس ڪڍڻ خلاف مزدورن ۽ واپارين حيدرآباد بائي پاس روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪيلي جي واپاري غلام رسول جروار ۽ ٻين چيو ته ڊي سي ٽنڊوالهيار ڪيلي جي مافيا کان لکين رپيا رشوت وٺي اسان جو ڪاروبار ختم ڪرائڻ لا نوٽيس جاري ڪيا آهن، جيڪو ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته بااثرن جي چوڻ تي نڪتل نوٽيس واپس وٺي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close