پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڊاڪٽر ڌرم ديو جي قاتلن جي گرفتاري لا احتجاج

مٺي: مٺي ۾ مهيشوري پنجائت پاران ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ڊاڪٽر جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي. ان موقعي تي مهيشوري پنجائت جي اڳواڻن پرتاب ڪيلا، ڊاڪٽر جئه پرڪاش، پرڀو لال راٺي، ٽيڪچند، ڪائونسلر منوج راٺي، جيديو لانگهڻي، وڪرم راٺي ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ڌرم ديو کي بيدردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر جي ناحق خون سان انصاف ڪرڻ لا واقعي جي شفاف جاچ ڪري قاتلن ۽ سهولتڪارن کي پڪڙي سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button