پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد لڳ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ بکوري ويجھو 19 سالن جي نوجوان نندلال ولد وشنو ڀيل گھر اندر ڳچي ۾ رسو ٻڌي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي. جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڊينگان ٿاڻي جي پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پي وشنو مل ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي پٽ نندلال جو دماغي توازن درست نه ھو، جنھن جي ڪري هن اھڙو انتھائي قدم کنيو. ٻئي پاسي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button