پاڪستانسنڌ

عمرساند ۾ همراهه ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

عثمان شاهه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي جي حد ڳوٺ کٻڙ ڇڇر ڀرسان رھندڙ ڪولھي ڪڇي برادري جي 40 سالن جي سترام پٽ پوپٽ پنھنجي گھر اندر ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، واقعي جو اطلاع وارثن عمر ساند پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ فوتي جي لاش کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي ڪيترن ئي ڏينهن کان پريشان ھو ۽ گھرڀاتين سان ناراض ھو، جنھن کانپوءِ ھن زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button