پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ رهواسين جي پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي ريلي

سامارو: سامارو ۾ خاصخيلي اتحاد جي ڊويزنل اڳواڻ محرم خاصخيلي ۽ سندس سئوٽ جسقم اڳواڻ سارنگ خاصخيلي جي ننڍي ڀا مال جي واپاري جمن خاصخيلي کي سامارو پوليس پاران 5 ڏينھن اڳ مٺي ۾ شادي جي دعوت مان واپس موٽندي نئون ڪوٽ مان ھڪ ھوٽل تان چانھه پيئڻ دوران گرفتار ڪري مٿن چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سامارو ۾ وڏي تعداد ۾ خاصخيلي برادري جي ماڻهن، چوپائي مال جي واپارين ۽ مزدورن پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽ غلام محمد-ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي محمد جعفر خاصخيلي، گل محمد خاصخيلي، شوڪت خاصخيلي، سارنگ خاصخيلي، ڪريم بخش خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پوليس 4 ڏينهن اڳ نئون ڪوٽ مان هڪ هوٽل تان خاصخيلي اتحاد ڊويزنل اڳواڻ محروم علي خاصخيلي ۽ چوپائي مال جي واپاري جمن خاصخيلي کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري وارثن کان آزادي لا 2 لک رپيا رشوت طلب ڪئي، رشوت نه ڏيڻ تي پوليس سامارو ٿاڻي تي محرم خاصخيلي مٿان 1025 گرام چرس ۽ جمن خاصخيلي مٿان 560 گرام چرس رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن. ھنن اعلى عدالتن ۽ پوليس جي اعلى عملدارن کان گهر ڪئي ته سامارو پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي اهلڪارن ۽ عملدارن خلاف قانوني قدم کڻي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري محرم ۽ جمن خاصخيلي کي آزاد ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button