لاهور ۾ قلم 144 لاڳو هجڻ ڪري تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي چونڊ ريلي ملتوي ڪري ڇڏي، عمران خان اڄ پنهنجي قيادت ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. تفصيل موجب سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ۾ چونڊ ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن حڪومت جي ڄار ۾ نه ڦاسن، هن لکيو ته رڳو پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وئي. لاهور ۾ ٻيون سرگرميون ته جيئن جو تيئن جاري آهن، جڏهن ته زمان پارڪ کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪري پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، نگران وڏو وزير 8 مارچ جهڙا وڳوڙ ڪرائي چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو، اهڙي قسم جا حربا اليڪشن روڪڻ جي سازش آهي، اليڪشن جي شيڊيول جو اعلان ٿي چڪو آهي، هاڻي قلم 144 لڳائڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟ هن چيو ته هونئن مسئلن جو اڪيلو حل فوري ۽ شفاف چونڊون آهن پر ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لا اليڪشن کانسوا جيڪڏهن ٻيو ڪو رستو آهي ته مونکي ٻڌايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هينئر خوف وارو نظام قائم آهي، آئون پڇڻ چاهيان ٿو ته آخر اهو فيصلو ڪنهن ڪيو آهي ته عمران خان کي اچڻ ناهي ڏيڻو، ملڪ ۾ هڪ ئي وفاقي پارٽي رهجي وئي آهي، جيڪڏهن توهان مون کي ختم ڪري ڇڏيندا ته ملڪ کي متحد ڪير ڪندو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف لاهور جي صدر شيخ امتياز ٻڌايو ته سومر تي (اڄ) منجهند 2 وڳي زمان پارڪ کان داتا درٻار تائين عمران خان جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي ويندي، ريلي زمان پارڪ کان علامه اقبال روڊ، ريلوي اسٽيشن کان ٿيندي داتا درٻار پهچندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close