پاڪستانپنجاب

جيڪو پوليس جي ڊپ کان تحريڪون ملتوي ڪري تنهن کي گدڙ چوندا آهن:مريم نواز

نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز لاهور ۾ ريلي ٻيو ڀيرو ملتوي ڪرڻ تي عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جيڪو پوليس جي ڊپ کان تحريڪون ملتوي ڪري تنهن کي گدڙ چوندا آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته جيڪو ڊڪٽيٽر جي هر رنڊڪ ٽوڙي سامهون کان اڳواڻي ڪري، ان کي نواز شريف چوندا آهن، گوجرانوالا کان اڳ عدليا بحال ڪرائيندڙ ليڊر کي ئي نواز شريف چوندا آهن. هوڏانهن هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لکيو ته جنهن جي سياست لاشن جي محتاج ٿي وڃي، اِهو ڄاڻي وٺو ته ان جو هر حربو ناڪام ٿي چڪو آهي، اُهو همراهه ڄاڻي چڪو آهي ته شڪست سندس مقدر بڻجي چڪي آهي. مريم نواز لاش کي پٽيندڙ ڳجهه جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته جيڪي لاشن جا منتظر هوندا آهن انهن کي سياستدان نه پر ڳجهه چيو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button