پاڪستانپنجاب

عمران افراتفري وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو:وفاقي حڪومت

لاهور :اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي سڀني سياسي تماشن جي ناڪامي کان پوءِ هاڻي لاشن تي سياست ڪري رهيو آهي، پنهنجي گندي سياسي ڪاروبار لاءِ هي شخص ڪيترين مائرن جي جهولي خالي ڪندو، عمران نيازي ملڪ جو امن خراب ڪري رهيو آهي، هن پنهنجي اقتدار جي خاتمي تي سائفر جو ڊرامو رچايو جيڪو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ سفارتي لاڳاپن تي اثر انداز ٿيو، هاڻي هو سائفر جي معاملي تي آمريڪا کان معافيون گهري رهيو آهي، ۽ صفايون پيش ڪري رهيو آهي. آچر ڏينهن هتي ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي، ته عمران خان ملڪ ۾ افراتفري وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، بي اعتمادي رٿ وقت جڏهن عمران خان جو اقتدار ان جي پنهنجي هٿن مان نڪرڻ لڳو ته ان سائفر وارو منصوبو جوڙيو، ان کي ڪا به پرواهه نه هئي ته ان خطرناڪ راند سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ سفارتي لاڳاپن کي ڪيترو نقصان پهچندو. هن چيو ته پنهنجي اقتدار خاطر عمران خان ملڪ کي باهه ۾ ڌڪيو. هن چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، هن پرڏيهي وزارت کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو. عمران خان جڏهن ڏٺو ته ان جو اقتدار وڃڻ وارو آهي، ته آرمي چيف کي بند ڪمري ۾ ملازمت ۾ واڌ جي آڇ ڪئي، جڏهن ان تي به ڳالهه نه ٺهي ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، آئيني عهديدارن کان آئين ٽوڙايو ويو. هن چيو ته آئين پاڪستان جو آهي، عمران خان جو نه. عمران خان سائفر واري راند تي اڄ تائين آمريڪا کان معافيون گهري رهيو آهي. هن جي عالمي سازش جو ڊرامو آمريڪا کان ٿيندو، محسن نقوي تائين پهچي ويو. عمران خان هاڻي چئي رهيو آهي، ته آمريڪا جي ڪا به سازش نه هئي، اسان جي حڪومت آمريڪا نه ڪيرائي. هن چيو ته عمران خان کي ان سڄي معاملي تي مايوسي ٿي ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۾ افراتفري نه پکڙي، پوءِ عمران خان چيو ته ملڪ جا چار ٽڪڙا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته هي اهو ماڻهو آهي، جيڪو ڊي چوڪ تي قبرون کوٽيندو هو، جنهن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا. هن چيو ته سائفر جي ڪهاڻي ۾ ناڪامي کان پوءِ عمران خان امپورٽڊ حڪومت، رجنگ چينج جو تماشو عوام سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ وقت عمران خان جي هڪ آڊيو ليڪ سامهون آئي جنهن ۾ هو پاڻ چئي رهيو آهي، ته ايترا ماڻهو خريد ڪري ورتا آهن. باقي ماڻهن جو بندوبست ڪرڻو آهي. هي اهو شخص آهي جنهن سينيٽ، ڪي پي ڪي ۽ بي اعتمادي رٿ وقت اليڪشن ۾ سياسي منڊي لڳائي. هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت، رجنگ چينج ۽ عالمي سازش جي ناڪامي کان پوءِ عمران خان لانگ مارچ جو اعلان ڪيو، ان وقت ان جي گهر جي ڇت تان پوليس اهلڪار کي گولي لڳي، عمران خان ان تي به سياست ڪئي. هن چيو ته عمران خان پوليس اهلڪارن تي گوليون وسايون ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري پکڙجي ۽ ان جي پنهنجي سياست ڪامياب ٿئي، عمران خان جي دور ۾ عورت صحافي صدف روڊن تي ڊڪندي هئي، صدف عمران خان جي ڪنٽينر سان گڏ ڊڪندي رهي، جڏهن ته ان کي ڪنٽينر تي چڙهڻ نه ڏنو ويو، جنهن سبب حادثو پيش آيو. هن چيو ته جڏهن عمران خان پنهنجي چئن سالن ۾ صحافين تي تشدد ڪيو، انهن تي گوليون وسايون، مير شڪيل الرحمان کي جيل ۾ بند ڪري سڄي ميڊيا کي پيغام ڏنو ويو ته مان سڀني کي بند ڪندس. هن چيو ته عمران خان صحافين جا قلم ٽوڙيا، انهن جي ٻارن کي اسڪولن ٻاهران اغوا ڪرايو، صحافين جي لاشن تي سياست ڪئي. عمران خان صحافي صدف جي مڙس کي پيسا ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، هن وزيرآباد ۾ معظم جي لاش تي به سياست ڪئي ۽ گجرانوالا ۾ 14 سالن جو سمير احمد شهيد ٿيو ته ان تي به عمران خان سياست ڪئي، خبر ناهي عمران خان ڇا ٿو چاهي، پنهنجي گندي سياسي ڪاروبار لاءِ هي ڪيترين مائرن جي جهولي خالي ڪندو.هن چيو ته عمران خان ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي ناڻي وارن وزيرن کي چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکو ته پاڪستان سان آءِ ايم ايف پروگرام معطل ڪيو وڃي، عمران خان اهو پروگرام پنهنجي صحيحي سان آءِ ايم ايف سان شروع ڪيو هو ۽ اقتدار جي خاتمي تي مارچ 2022ع ۾ ان پروگرام کي معطل ڪري هليو ويو. هن ملڪ کي ڏيوالو ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي ملڪ لاءِ گندي راند کيڏندو رهيو. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت کي تباهه ڪيو، ماڻهن کي خريد ڪيو ۽ سياسي منڊيون لڳائيندو رهيو. جڏهن پنهنجي سڀني معاملن ۾ هو ناڪام ٿيو ته پوءِ هن لاشن تي سياست شروع ڪئي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پنهنجي آڊيو کي مريم نواز جي آڊيو سان ملائيندو رهيو. ڇا مريم نواز جي آڊيو ۾ ڪنهن کي قتل ڪرڻ، معيشت کي داءَ تي لڳائڻ، ملڪ ۾ باهه لڳائڻ يا رت وهائڻ جو حڪم آهي؟ هن چيو ته عمران خان هڪ فراڊي آهي، جڏهن ان کي خبر پئي ته ان جون سڀئي چالون ناڪام ٿي چڪيون آهن، ته هن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو. هن پنهنجي لانگ مارچ ۾ ماڻهن کي گوليون هڻايون ۽ پنهنجي مٿان گولي لڳڻ جو بهانو بڻائي ڄنگهه تي پلستر ٻڌرائي زمان پارڪ ۾ لڪي ويهي رهيو ۽ عوام کي مرڻ لاءِ روڊن تي ڇڏي ڏنو. هن چيو ته عمران خان لانگ مارچ جي ناڪامي کان پوءِ جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو، جڏهن اها تحريڪ به ناڪام ٿي وئي ته هن پنهنجي ڪارڪن ظل شاهه جي لاش تي سياست شروع ڪري ڇڏي. هن چيو ته عمران خان کي فارن فنڊنگ، توشه خانه، 190 ملين جي ڦرلٽ ۽ ٽيرين وائٽ کي پنهنجي ڌيءَ تسليم نه ڪرڻ تي جواب ڏيڻو پوندو. عمران خان وٽ انهن چورين جو ڪو به جواب ناهي. هو گهڙي چور به آهي، ٽيرين جو والد به آهي، 190 ملين جو ڦورو به آهي. عمران خان جي گهر واريءَ هيرا جواهر چوري ڪيا، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، جنهن ڏينهن عمران خان جي عدالت ۾ پيشي هوندي آهي، ته چوندو آهي ته مان معذور آهيان، بزرگ آهيان. هن چيو ته هي اهو شخص آهي جيڪو پنهنجي مخالفن جي بيماريءَ جو مذاق اڏائيندو هو، شهباز شريف بابت چوندو هو ته ان کي عدالت ۾ ڪرسي به نه ڏيو ۽ مريم نواز کي ان سيل ۾ بند ڪيو جتي باٿ روم به ڪمري جي اندر هجي. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ هڪ سيل ٺاهيو هو جتان هو مسلم ليگ (ن) جي اسيرن جون خبرون وٺندو هو ۽ خوش ٿيندو هو. هن چيو ته عمران خان ذهني مريض آهي، لاشن تي سياست ڪندو آهي ۽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري لاشن جو منتظر رهندو آهي. هن چيو ته ظل شاهه جو لاش راجه شڪيل جي گاڏي ۾ وڌو ويو، جڏهن ان جي ڊرائيور کي لاش مليو ته ان پوليس کي اطلاع ڇو نه ڏنو؟ ايف آءِ آر داخل ڇو نه ڪرائي؟ ڊرائيور پنهنجو هليو مٽائي زمان پارڪ ۾ ڇو پناهه ورتي؟ ۽ راجه شڪيل ڇو زمان پارڪ ۾ لڪيل آهي؟ هن چيو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد کي 2 ڏينهن اڳ حادثي جي خبر پئجي وئي هئي ته هن پوليس کي ڇو نه ٻڌايو؟ ظل شاهه جي لاش جو اڃا پوسٽ مارٽم نه ٿيو ته عمران خان ويڊيو ڇو رليز ڪئي؟ ان لاءِ ته هو لاش جو انتظار ڪري رهيو هو. هن چيو ته ڪاري رنگ جو ڊالو فوٽريس اسٽيڊيم ۾ بيٺل هو، ان کي 31 ڪيمرائن مانيٽر ڪري پڪڙيو هو ۽ عمران خان چوي ٿو ته هو قاتل ناهي ۽ ٻين تي الزام لڳائيندو آهي، هي ظل شاه جي موت ۾ ڦاسي چڪو آهي.هن چيو ته ياسمين راشد عمران خان کي ڇو ناهي ٻڌايو ته ظل شاهه جي لاش سان ڇا ٿيو؟ ان کي اسپتال ۾ اڇلائي ڇو هليا ويا؟ انهن سوالن جو جواب عمران خان تو کي ڏيڻو پوندو. عمران خان ظل شاه جي والد کي پئسن جي لالچ ڏيندو رهيو ۽ اهو چوندو رهيو ته ان کي قتل جو رنگ ڏيو، راجه شڪيل جي ڊرائيور ظل شاه جي لاش کي کڻڻ وقت پوليس کي اطلاع نه ڏنو، ان واقعي کي ڄاڻي واڻي لڪايو ويو. ان واقعي جون سموريون شاهديون پنجاب پوليس ڪيمرائن ذريعي گڏ ڪيون ۽ عوام کي حقيقتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جڏهن ظل شاهه جي موت جي پي ٽي آءِ کي خبر هئي ته عمران خان زمان پارڪ ۾ ڄنگهه تي پلستر چاڙهي ڇا ڪري رهيو هو؟ ملڪ جو 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نيب ۽ عدالتن سامهون پيش ٿيندو هو ۽ پنهنجي سامهون پنهنجي ڌيءَ کي هٿڪڙيون لڳرايون، عمران خان بنا ڪنهن ثبوت جي شهباز شريف کي 2 ڀيرا گرفتار ڪرايو. هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ شهباز شريف ۽ سموري مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرايو، اڄ مسلم ليگ (ن) جي سڄي قيادت عدالتن مان باعزت آزاد ٿي چڪي آهي. عمران خان پاڪستان کي 3 ٽڪڙن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي، ڇا نواز شريف يا شهباز شريف ملڪ کي 3 ٽڪڙن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي؟ لاشن تي سياست ڪئي؟ رانا ثناءُ الله تي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو، عمران خان پنهنجي ڪيل گناهن جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان نوجوان نسل جي دماغن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان جلد عوام سامهون بي نقاب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڏوهه ۽ قتل لڪي نٿو سگهي. ظل شاهه جي قتل مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن کي پهتو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب اسان جا هٿ ٻڌل آهن، معاشي بحران باوجود وزيراعظم شهباز شريف رمضان المبارڪ ۾ سڄي ملڪ ۾ غريبن کي مفت اٽو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ 144 قلم لاڳو ڪرڻ ان شخص لاءِ آهي جنهن کي عدالت گهرائي ٿي ته هو پنهنجي بيماري جو بهانو بڻائي ان کي ٽاري ڇڏي ٿو، ملڪ ۾ انارڪي پکيڙي ٿو ۽ عدالت جا دروازا ٽوڙي ٿو ۽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏئي ٿو ته مان تو کي نه ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button